ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام اڃا ڪيترو مهانگو پيٽرول خريد ڪري؟

Editorial

ملڪ ۾ مهانگائي خلاف هر ماڻهو رڙيون ڪري رهيو آهي. جڏهن کان پي ڊي ايم جي حڪومت اقتدار سنڀاليو آهي، ان وقت کان وٺي نه رڳو مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي پر پيٽرول جي اگهن ۾ ايتري واڌ ڪئي وئي آهي جو ان جو سڌو سنئون اثر عوام جي معاشي حالت تي وڃي ٿيو آهي، جنهن جي ڪري عوام لاءِ پنهنجي گهر جو گاڏو هلائڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. حڪومت وقفي وقفي سان پيٽرول، گئس ۽ بجليءَ جون قيمتون وڌائيندي رهندي آهي، جنهن جي ڪري عوام کي مهانگائيءَ جي طوفان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ان عرصي دوران عوام جي آمدنيءَ ۾ ايتري واڌ ناهي ٿي جو اهو حڪومت جي مهانگائيءَ سان مقابلو ڪري سگهي. هن وقت پاڪستان ۾ پيٽرول جا اگهه چوٽ چڙهڻ سبب عوام جي کيسي تي گهڻو بار پئجي رهيو آهي. هڪ پاسي عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون ڪرن پيون ته ٻئي پاسي هتي حڪومت تيل جا اگهه وڌائي رهي آهي.
رپورٽ مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ 10 ڊالر في بيرل تائين لاٿ ڏسڻ ۾ آئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اڱاري تي عالمي مارڪيٽ ۾ برطانوي ڪروڊ آئل (برينٽ) جي قيمت 10 ڏهائي 77 ڊالر في بيرل (9 ڏهائي 5 سيڪڙو) گهٽ ٿي 102 ڏهائي 73 ڊالر تي اچي وئي. ان کان سواءِ آمريڪي ڪچي تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي قيمت 9 ڏهائي 30 (8 ڏهائي 6 سيڪڙو) گهٽ ٿي 99 ڏهائي 13 ڊالر في بيرل ٿي وئي. ماهرن مطابق تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ ويجهي ماضي ۾ اضافي سبب سيڙپڪارن ۾ عالمي ٻاڙائيءَ جو خدشو وڌي ويو آهي. ٻه ڏينهن اڳ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائيءَ جو هڪ ٻيو سبب ناروي ۾ آف شورر ورڪرز جي هڙتال به آهي جنهن ڪري تيل جي پيداوار ۾ 89 هزار بيرل گهٽتائي جو امڪان آهي. هوڏانهن خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته مان نه ڪڏهن استعيفيٰ ڏني نه وزيراعظم مون کان ڪڏهن استعيفيٰ گھري ۽ نه ئي مان مستعفي ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جڏهن ته پارٽي مون سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ ۽ سبسڊي ختم ڪرڻ وارا فيصلا درست هئا، جيڪڏهن ائين نه ڪريون ها ته اتي پهچي وڃون ها جتي سريلنڪا پهچي ويو آهي، شهباز شريف کي خبر هئي ته اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن. سندس چوڻ هو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ليٽر آف انٽينٽ جو ڊرافٽ اسان کي اماڻيو آهي، بجيٽ بابت به انهن جا گھڻا سوال هئا، آءِ ايم ايف چوي ٿو ته پيٽرول تي سبسڊي نه ڏيو، اسان آءِ ايم ايف کي اڄ تفصيلي جواب ڏنو آهي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته گذريل حڪومت 17 سيڪڙو ٽيڪس جو معاهد ڪيو هو، هن وقت پيٽرول تي 10 ۽ ڊيزل تي 5 رپيا ليوي آهي، جيڪڏهن اڳوڻي حڪومت جي فيصلي تي هلان ها ته مون کي پيٽرول ۽ ڊيزل 76 رپيا وڌيڪ مهانگو ڪرڻو پوي ها. مفتاح اسماعيل چيو ته جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ٿي ته اسان کي وڌندڙ اگھن جو بار عوام تي وجهڻو پوندو، جنهن تحت ملڪ ۾ پيٽرول جا اگهه اڃا وڌي سگھن ٿا ۽ جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ اگهن ۾ لاٿ ٿي ته عوام کي رليف ڏينداسين. جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا گهٽ گهٽجي رهيا آهن ته حڪومت پاڪستان ۾ اهي اگهه ضرور گهٽائڻ گهرجن. جڏهن عالمي منڊيءَ ۾ تيل جا اگهه ٿورا به چڙهن ٿا ته پاڪستان حڪومت هڪدم تيل جا اگهه وڌائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندي آهي پر جڏهن تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي ته حڪومت ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. جيئن ته ملڪي معيشت تيل سان ڳنڍيل آهي، ان ڪري تيل مهانگو ٿيڻ سان عوام جي معاشي حالت بگاڙ جو شڪار ٿي ويندي آهي. پر ڇا حڪومت کي اهو احساس آهي ته اها جيڪي دليل مهانگائي ڪري عوام کي ڏيندي رهندي آهي، اهي عوام قبولڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ ته عوام هر حال ۾ رليف چاهي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته اسماعيل مفتاح کي رڳو ان ڪري وزير مقرر ناهي ڪيو ويو ته هر ڀيري تيل جا اگهه وڌائيندو رهي پر کيس ان ڪري به مقرر ڪيو ويو آهي ته هو عوام کي رليف فراهم ڪري. جيڪڏهن هاڻوڪن ڏينهن ۾ عالمي منڊيءَ ۾ قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿين ٿيون ته هتي به هر حال ۾ تيل جون قيمتون گهٽائڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي هر حوالي سان رليف ڏيڻ جي تياري ڪئي وڃي ته ان تان معاشي بار گهٽجي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button