سنڌ

خانڳڙهه جا مهر ٺهي ويا،علي گوهر ۽ محمد بخش مهر ڀاڪر پائي مليا

خانڳڙهه جي مهر سردارن سردار علي گوهر مهر ۽ محمد بخش مهر ۾ ڪافي وقت کان هلندڙ رنجشون ختم ٿي ويون. ان سلسلي ۾ مهر برادري جي ماڻهن سردارن ۾ سرچا لاءِ خانڳڙهه ۾ 4 ڏينهن تائين ڌرڻو هنيو، جنهن کانپو سردار محمد بخش مهر ڪالهه خانڳڙهه جي لکي بنگلي ۾ برادري جو ڪٺ گهرايو، جنهن ۾ صلاح مشوري کانپوءِ هڪ وفد سردار علي گوهر مهر ڏانهن موڪليو ويو، جنهن کي علي گوهر مهر طرفان محمد بخش خان مهر وٽ اچڻ جي خاطري ڪرائي وئي، جنهن بعد علي گوهر خان مهر پنهنجي ڀائيٽي علي انور خان سميت محمد بخش خان مهر جي رهائشگاهه لکي بنگلي تي پهتو، جتي سندس استقبال محمد بخش خان مهر ۽ احمد علي خان مهر ڪيو. ان موقعي تي محمد بخش مهر ۽ علي گوھر مهر پاڻ ۾ ڀاڪر پائي مليا. ان موقعي تي خطاب ڪندي محمد بخش مهر چيو ته پنهنجي سئوٽ علي گوهر مهر کي ڀليڪار چوان ٿو. ان سان گڏ سموري برادري جو شڪر گذار آهيان، جنهن اسان ٻنهي سئوٽن کي ٺاهڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اڄ کانپوءِ اسان جون ذاتي رنجشون ختم ٿي ويون آهن. اسان کان جيڪي به غلطيون ٿيون، اڄ کان درگذر ڪري ڇڏيون آهن. اسين پاڻ ۾ هڪ ٿي ويا آهيون. ان موقعي تي علي گوهر مهر چيو ته سڄي مهر برادري جو شڪر گذار آهيان. محمد بخش مهر ۽ آئون ڀائر هياسين آهيون ۽ رهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button