سنڌ

معصوم آديش ڪمار بازياب نه ٿيو،مظاهرن ۽ شٽربند هڙتال جو اعلان

راڻيپور مان 9 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 8 سال جو معصوم آديش ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو. جسقم 7 جولا تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرن ۽ 8 جولا تي راڻيپور ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو چيو آهي ته سڀاڻ 8 جولا جمعي جي ڏينهن 3 وڳي ھڪ ڀيرو ٻيھر راڻيپور ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي ويندي ۽ کير بازار کان ريلي ڪڍي باب ستگير قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو. جيستائين معصوم

آديش ڪمار آزاد نه ٿيندو تيستائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو. هنن چيو ته آديش ڪمار 9 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيو آهي. ايس ايس پي خيرپور 2 ڏينهن اڳ يقين ڏياريو هو ته 24 ڪلاڪن ۾ آديش بازياب ٿي ويندو پر واعدو وفا نه ٿيو آهي. هن چيو ته آديش ڪمار پوري سنڌي قوم جو ٻچڙو آھي. پوليس جون روز نيون ڪلابازيون آھن. اسان ٽن ڏينهن کانپو راڻيپور ٿاڻي تي پهتاسين ته ايس ايس پي خيرپور اسان کان ڪجهه وقت اڳ نڪري ويو هو ۽ ٿاڻي ۾ ڪو به آفيسر

موجود نه هجڻ خاطر خواهه جواب نه مليو، پو اسان ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ سان فون تي رابطو ڪيو ته هن چيو ته آديش جي اغوا ڪارن جي نالن جي خبر پئجي وئي آھي، جلد بازياب ڪرائيداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button