سنڌ

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت گهٽا ڏيئي قتل

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي زال کي گهٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو. ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دين محمد ۾ جوابدار مڙس شبير گولو پنهنجي گھرواري ريحانا کي گهٽا ڏيئي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي قتل ٿيل عورت جو لاش کڻي سول اسپتال آندو، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار مڙس پنهنجي گھرواري کي ڪارنھن جي تھمت ھڻي گھر اندر گهٽا ڏيئي قتل ڪرڻ جو اطلاع مليو، واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ کڻي اسپتال پھچايو، جڏھن ته جوابدار فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگھيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button