سنڌ

ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙي ۽ نوجوان جي بازيابي لائي احتجاج

سيوهڻ مان اغوا ٿيل ڪشمور واسڻ 3 ورهين جي ٻارڙي ۽ آبپاشي ڪالوني واسي شڪارپور مان اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لا شهري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪشمور واسڻ سيوهڻ مان اغوا ٿيل ٽي سالا معصوم ٻارڙي آڪاشه نائچ ۽ آبپاشي ڪالوني واسي صادق لاشاري جي بازيابي لاءِ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳوڻن حاڪم علي ڀٽي، راڻا غفار، وزير احمد چنا، پير بخش ملڪ ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته آڪاشه نائچ ۽ صادق لاشاري کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button