
لاهور: سريلنڪا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز پروگرام موجب ٿيندي. ايڪسپريس نيوز سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ميڊيا ڊائريڪٽر سميع الحسن برني چيو ته پاڪ-سريلنڪا سيريز بابت افواهن ۾ ڪا به سچائي ناهي، ٻئي بورڊز هڪٻئي سان رابطي ۾ آهن. هن چيو ته هو سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سان به صورتحال تي ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
سيريز تي في الحال ڪنهن به خدشن جا ڪڪر ناهين ڇانيل. پاڪستان جي ٽيم ٽن ڏينهن واري ميچ کيڏڻ کانپوءِ اڱاري ڏينهن 11 وڳي گال لاءِ رواني ٿيندي، جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ گال ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي.