رانديون

ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي سڌي شرڪت شڪي بڻجي وئي

ميلبورن: آسٽريليا ۾ کيڏي ويندڙ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز تان هٿ کڻڻ بعد ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي سڌي شرڪت شڪي ٿي وئي آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا ون ڊي سيريز کي ٻيهر شيڊول ڪرڻ جو چيو هو، ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊن متبادل تاريخن تي غور ڪيو پر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ مصروفيتن سبب متبادل تاريخون نه ملي سگهيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جنوري 2023 ۾ شيڊول ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 12، 14 ۽ 17 جنوري تي ميچون کيڏڻيون هيون.

ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ون ڊي ميچز آءِ سي سي سپر ليگ جو حصو آهن، جتان ٽيمون سڌو سنئون 2023 ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪري سگهن ٿيون. ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب هي ٽي ون ڊي ميچون ڪواليفيڪيشن جي “ڪٽ آف ڊيٽ” 30 مئي کان اڳ نه کيڏيون وينديون. ڏکڻ آفريڪا آءِ سي سي جي منظوري سان آسٽريليا کي پوائنٽس ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا طرفان سيريز تان هٿ کڻڻ بعد هن پنهنجي انٽرنيشنل سيريز جي شيڊيول ۾ معمولي تبديليون ڪيون آهن. ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن موجب، ڏکڻ آفريڪا طرفان سيريز تان هٿ کڻڻ سان پروٽيز ٽيم جو سڌو سنئون ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ٿيڻ شڪي ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button