رانديون

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ ڪوهلي، ڀمرا ۽ چاهل کي آرام ڏنو ويو

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي، بالر جسپريت ڀمرا ۽ يزويندر چاهل کي آرام ڏنو ويو آهي. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي انگلينڊ خلاف ٻي ون ڊي ميچ بعد ٽنهي وڏن رانديگرن کي آرام ڏيڻ جو رٿيو آهي، جيڪو ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ۽ ٽي 20 ميچن ۾ شامل نھ هوندو. ان ڏس ۾ بي سي سي آئي جي سربراهه ساروف گنگولي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي تھ ڪوهلي عظيم ڪرڪيٽر آهي، هو بهترين راند جو رستو پاڻ ڳولي ڏيکاريندو. هن چيو تھ هو پنهنجي فارم بابت ڄاڻ رکي ٿو، اميد تھ واپس اچي بهترين راند کيڏي ڏيکاري سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button