رانديون

سريلنڪا ۾ سياسي بحران جا اثر رد، پاڪستان خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان

سريلنڪا ۾ اڀري آيل سياسي بحران ۽ حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ واري صورتحال کي رد ڪندي پي سي بي قومي ٽيم جي دوري کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز جي ڏس ۾ اسپنرن تي ڀاڙيندي 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ ۽ شهرين جي احتجاج ۾ شدت باوجود پي سي بي ڪرڪيٽ سيريز کي جاري رکڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي جي ترجمان جو چوڻ آهي تھ، ٽيسٽ سيريز شيڊول تحت ٿيندي، ٽيم اڄ گال پهچي ويندي، سريلنڪن بورڊ ۽ پاڪستاني هائي ڪميشن سان مسلسل رابطو آهي. ٻئي پاسي سريلنڪا جي بورڊ اسپنرن تي ڀاڙيندي 18 رڪني اسڪواڊ جي ڪپتاني ڪرونارتني جي حوالي ڪئي آهي. جڏهن تھ پهرين ٽيسٽ ۾ سريلنڪا جي اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر ڌننجيا ڊي سلوا، اسپنرن پرابٿ جئي سوريا، رميش مينڊس، مهيش ٺڪشانا ۽ جيفري وينڊرسي تي ڀاڙيو ويندو. جڏهن تھ اسڪواڊ ۾ ڪوش مينڊس، پيٿم نشانڪا، اينجلو ميٿيوز. نروشن ڊڪوالا، دنيش چنديمل، ڊلشان مدوشنڪا ۽ ٻيا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button