رانديون

گال ٽيسٽ ۾ بالرن پهرين ڏينهن 12 وڪيٽون، سريلنڪا 222 رنسن تي آئوٽ، پاڪستان جون 24 رنسون

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن گال جي ميدان تي بالرن 12 وڪيٽون وٺي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق گال جي ميدان تي پهرين ڏينهن سريلنڪا جي ٽيم 222 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ اوپنرن مان اوشاڊا فرنانڊو 35 ۽ ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني هڪ رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، ڪوشل مينڊس بھ 21 اسڪور ڪري سگهيو. جڏهن تھ دنيش چنديمل 76 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم جو اسڪور ڪجهه اڳتي ڪيو ۽ مهيش ٺيڪشانا بھ 38 رنسون ٺاهي پاڻ ملهايو آهي. اينجلو ميٿيوز ٻڙي تي واپس ويو. هوڏانهن پاڪستان جي اننگز شروع ڪندي اوپنرن جون وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، جن مان عبدالله شفيق 13 ۽ امام الحق 2 رنسن تي آئوٽ ٿيا، پر اظهر علي 13 ۽ بابراعظم هڪ رنس سان ڪريز تي موجود آهن. بالرن مان پاڪستان جي شاهين آفريدي 4، ياسر شاهه ۽ حسن علي 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button