رانديون

پاڪستاني بيٽنگ لائين جا پير اکڙجي ويا، 152 رنسن تي 9 آئوٽ

سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي راند ۾ پاڪستان جون 152 رنسن تي 8 وڪيٽون ڪري پيون آهن ۽ اها پهرين اننگز ۾ ڏکيائين جو شڪار آهي. گال جي ميدان تي جاري ٽيسٽ ميچ دوران پاڪستان 2 وڪيٽن جي نقصان تي 24 رنسن سان کيڏڻ شروع ڪيو تھ بيٽرن جا پير ڄمي نھ سگهيا ۽ اهي آئوٽ ٿيندا ويا آهن. سريلنڪا جي بالر پرابٿ جئي سوريا 4 جڻن جو شڪار ڪيو، جنهن بعد سندس وڪيٽن جو تعداد 5 ٿي ويو آهي. جڏهن تھ ڪوسين رجيٿا، مهيش ٺيڪشانا ۽ رميش مينڊس هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. ان کان اڳ پاڪستاني بيٽرن مان اظهر علي 3، محمد رضوان 19، آغا سلمان 5، محمد نواز 5، شاهين آفريدي ٻڙي ۽ ياسر شاهه 18، حسن علي 17 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ بابراعظم 59 ۽ نسيم شاهه ٻڙي تي موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button