
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي پاڪستاني ڪپتان بابراعظم پاران کيس حوصلو ڏيڻ واري ڏنل پيغام جي جواب ۾ کيس پيار سان ڀرپور ردعمل ڏنو آهي. ميڊيا مطابق ويرات ڪوهلي بابراعظم جي پيغام جي بدلي جوابي پيغام ۾ چيو آهي تھ هميشا چمڪندو رهه ۽ عروج ماڻيو، اوهان جي مهرباني.