رانديون

سريلنڪا جون 206 رنسن تي 5 اهم وڪيٽون ڪري پيون

پاڪستان خلاف سريلنڪا جي ٻي اننگز جاري آهي، جنهن ۾ ٽئين ڏينهن جي راند ۾ سريلنڪن بيٽرن جي وڏي اسڪور واري ڪوشش جاري آهي، پر پاڪستاني بالرن سندن 5 اهم بيٽر آئوٽ ڪري کين ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق گال جي ميدان تي جاري پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن واري راند ۾ سريلنڪا جا بيٽر 206 رنسون ٺاهي ويا آهن، جن مان اوپنر اوشاڊا فرنانڊو 64 ۽ ڪوشل مينڊس 76 رنسن جي بهترين اننگز کيڏيون آهن. جڏهن تھ ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني 16، ڪسين رجيٿا 7، اينجلو ميٿيوز 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ دنيش چنديمل 17 ۽ دننجيا ڊي سلوا 17 رنس سان کيڏي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button