ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽئين ۽ آخري ون ڊي ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽن ميچن واري سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي بيٽر رشڀ پنٽ 125 رنسن جي اننگز کيڏي پاڻ ملهايو آهي. جڏهن تھ هاردڪ پانڊيا 4 وڪيٽون ورتيون ۽ 71 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هوڏانهن انگلينڊ جي ٽيم 259 رنسون ٺاهيون، ڀارت 5 وڪيٽن تي هدف ماڻي ميچ کٽي ورتي. انگلينڊ جي بيٽرن مان جوز بٽلر 60 رنسن جي اننگز کيڏي نمايان رهيو، جيسن روئي 41 ۽ معين علي 34 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close