
سريلنڪا ۾ خراب معاشي ۽ سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ لنڪا پريميئر ليگ کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق لنڪا ليگ هڪ آگسٽ کان 21 آگسٽ تائين رٿيل هئي. بورڊ جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تھ پروڊڪشن گروپ جي مشاورت بعد ايونٽ ملتوي ڪيو.