
انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان واري دوري کان اڳ سيڪيورٽي وفد صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ڏس ۾ پاڪستان پهچي ويو آهي. ميڊيا مطابق پليئرز ايسوسيئيشن، سيڪيورٽي ۽ ڪرڪيٽ آپريشنز جي شعبن تي ٻڌل 4 رڪني وفد پاڪستان پهچڻ بعد پنڊي واري اسٽيڊيم ۾ وڃي سيڪيورٽي مامرن جو جائزو ورتو آهي. ذريعن موجب انگلش وفد گهرو کاتي جي عملدارن سان سيڪيورٽي مامرن تي مشاورت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ انگلش وفد کي ٽيم 15 سيپٽمبر تي پاڪستان موڪلڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفد ڪراچي، ملتان ۽ لاهور جو دورو پڻ ڪندو.