رانديون

پاڪستان جي گال ٽيسٽ تي پڪڙ مضبوط، ڪاميابي ۾ باقي 120 رنسن جي ضرورت

پاڪستان جي ٽيم گال ٽيسٽ تي پنهنجي پڪڙ مضبوط ڪري ورتي آهي ۽ کيس سريلنڪا کي شڪست ڏيڻ جي ڏس ۾ 90 اوورن ۾ رڳو 120 رنسن جي ضرورت آهي. ميڊيا مطابق گال جي ميدان تي جاري پهرين ٽيسٽ ۾ چوٿين ڏينهن واري راند ۾ سريلنڪا جي بالرن کي پاڪستاني بيٽرن مڪمل طور بيوس بڻائي ڇڏيو آهي. ڪالهه راند جي پڄاڻي تي پاڪستاني بيٽرن 3 وڪيٽن جي نقصان تي 222 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. جڏهن تھ ڪپتان بابراعظم 55 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي. امام الحق 35 رنسن تي اڳ ئي آئوٽ ٿي چڪو هو. هن وقت اوپنر عبدالله شفيق 112 رنسن سان اڃا ڪريز تي موجود، رضوان 7 رنسن سان سندس ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي. هوڏانهن سريلنڪا جي بالر پرابٿ جئي سوريا 2 وڪيٽون ورتيون آهن ۽ رميش مينڊس بھ هڪ آئوٽ ڪيو آهي. جڏهن تھ ٽيسٽ جو اڄ فيصلائتو ڏينهن آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جا چٽا امڪان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button