رانديون

بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف کي مستقل طور تي ٽيم سان گڏ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف کي مستقل طور تي ٽيم سان گڏ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ سندس جاءِ تي نئين بيٽنگ ڪوچ لاءِ پوسٽ جو اعلان ڪيو ويندو. پي سي بي آسٽريليا ۾ ٿيندڙ ٽي-20 ورلڊ ڪپ دوران ميٿيو هيڊن کان خدمتون حاصل ڪندو پر يوسف ٽيم سان گڏ ڪم جاري رکندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آسٽريليا خلاف هوم سيريز ۾ هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق جي درخواست تي کيس عارضي بيٽنگ ڪوچ بڻايو ويو هو، هو هاڻ پاڪستاني ٽيم سان گڏ سريلنڪا ۾ آهي ۽ کيس هاءِ پرفارمنس سينٽر تان فارغ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button