رانديون

سريلنڪا خلاف فتح، پاڪستان ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئنز ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو

لاهور: سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار فتح سان پاڪستان جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل کيڏڻ جون اميدون روشن ٿي ويون آهن. قومي ٽيم جي سريلنڪا خلاف گال ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست کانپوءِ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي شروعاتي پنجن ميچن ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون آهن. ان فتح جي بدلي پاڪستاني ٽيم ٽيسٽ چيمپيئنز ۾ هڪ درجو اڳڀرائي ڪري ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي ۽ ان جي ڪاميابي ۽ هارائڻ جو ريشو 58 ڏهائي 33 سيڪڙو آهي. ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ٽيبل ۾ ڏکڻ آفريڪا پهرئين ۽ آسٽريليا ٻئين نمبر تي آهي، ٻنهي ٽيمن جي فتح جو ريشو 71 ڏهائي 43 ۽ 70 سيڪڙو آهي.

پاڪستان جي ان فتح سان ڀارت کي به فائدو ٿيو آهي ۽ 52 ڏهائي 8 سيڪڙو سان چوٿين نمبر تي آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز 50 سيڪڙو سان پنجين نمبر تي آهي. ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ سريلنڪا ڇهين، انگلينڊ ستين، دفاعي چيمپيئن نيوزيلينڊ اٺين ۽ بنگلاديش نائين نمبر تي آهي. سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ فتح سبب پاڪستاني ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ پنهنجي جڳهه کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button