
پاڪستان جي ٻن جبل چاڙهو عورتن ثمينا بيگ ۽ نائلا ڪياني دنيا جي ٻي بلند ترين ڪي ٽو جي چوٽي فتح ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ثمينا بيگ دنيا جي ٻي بلند ترين چوٽي کي سڀني کان اڳ فتح ڪري پهرين پاڪستاني عورت هجڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي. جڏهن تھ نائلا ڪياني بھ ڪجهه ڪلاڪن جي وٿي بعد ڪي ٽو جي چوٽي تي پهچي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ثمينا بيگ جي ٽيم جي سيڪريٽري ڪرار حيدر ۽ ادا محبوب علي تصديق ڪئي آهي تھ ثمينا بيگ ساٿين سميت واپسي شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن تھ نائلا پڻ ڇوٽي فتح ڪرڻ بعد واپسي جي تياري ڪئي آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف ڪي ٽو فتح ڪندڙ ٻنهي عورتن کي مبارڪ ڏني آهي.