
سريلنڪا ۾ ٻي ٽيسٽ کان اڳ پاڪستاني رانديگرن جي پريڪٽس ڪئي آهي. ميڊيا مطابق ڪپتان بابراعظم، محمد رضوان، شاداب خان ۽ ٻين ميدان تي اچي بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جي شعبن ۾ تياري ڪئي آهي. هوڏانهن گال اسٽيڊيم ۾ ڪيل پريڪٽس دوران ٻي ٽيسٽ جي اسڪواڊ کي ڪوچز ڀرپور نموني سان ٽپس ڏنا آهن. ياد رهي تھ شاهين آفريدي انجري سبب ٻي ٽيسٽ مان آئوٽ ٿي ويو آهي.