رانديون

ڀارت ويسٽ انڊيز کي دلچسپ مقابلي بعد 3 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ڀارت پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي دلچسپ مقابلي بعد 3 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڀارتي ٽيم 7 وڪيٽن تي 308 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ بيٽر شيکر ڌون 97 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، شبمن گل 64، شرياس آئير 54، ديپڪ هوڊا 27 رنسون ڪيون. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 305 رنسون ٺاهي سگهي آهي، سندس بيٽرن ڪائلي مائيرس 75، برينڊن ڪنگ 54، شرمار بروڪس 46، روميريو شيفرڊ 39 ۽ عقيل حسين 35 رنسون ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button