رانديون

انگلينڊ هٿان ٻئي ون ڊي ۾ 118 رنسن تان ڏکڻ آفريقا کي شڪست

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 118 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ جي ٽيم 29 اوور ۾ 201 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ليام لونگ اسٽون 38 ۽ سيم ڪران 35، جوني بيريئسٽو 28 ۽ ڊيوڊ ولي بھ 21 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا جا 4 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا ۽ 4 بيٽر سنگل فگر ۾ ئي رهيا، اهڙي ريت اڪيلي هينرچ ڪلاسين 33 اسڪور ڪيو آهي. ڏکڻ آفريقا جي بالر ڊيوين پريٽوريئس 4 وڪيٽون وٺي پاڻ مڃايو آهي ۽ انگلش بالرن مان عادل رشيد 3 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button