رانديون

سريلنڪا خلاف اڄ کان ٻي ٽيسٽ، پاڪستان ڪلين سوئيپ خاطر تيار ٿي ويو

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ اڄ کان گال جي ميدان تي شروع ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستان ڪلين سوئيپ ۽ سريلنڪا ميچ کٽي سيريز برابر ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق گال جي ميدان تي شروع ٿيندڙ آخري ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم ۾ ٻن اهم تبديلين جو امڪان آهي، جنهن تحت اظهر علي کي آرام ڏئي فواد عالم جي کيڏائڻ جو امڪان آهي ۽ شاهين شاهه آفريدي انجري سبب آئوٽ ٿي ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ شاهين آفريدي انجري باوجود ٽيم سان گڏ موجود رهندو. هوڏانهن پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن ڪپتان بابر سان گڏ اسٽيڊيم پهچي ڀرپور پريڪٽس ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي سريلنڪا جي ٽيم مينيجمينٽ ٽيسٽ سيريز بچائڻ ۽ ميچ کٽڻ جي حڪمت علي جوڙي ورتي آهي ۽ رانديگرن پڻ پريڪٽس سيشن ۾ حصو ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button