رانديون

پاڪستان ويمن کي برسات آسٽريليا هٿان شڪست کان بچي ورتو

پاڪستان ويمن کي آسٽريليا ويمن هٿان وڏي شڪست کان برسات بچائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ٽھ ملڪي سيريز جي پنجين ميچ ۾ پاڪستان ويمن مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽون وڃائي رڳو 94 رنسون ٺاهي سگهي. جڏهن تھ آسٽريليا بنا نقصان جي پنجن اوورن ۾ 28 رنسون ٺاهيون هيون تھ برسات پئجي وئي، جنهن سبب راند روڪي وئي، جيڪا برسات نھ بيهڻ سبب ٻيهر شروع نھ ٿي سگهي ۽ مينيجمينٽ راند کي بنا نتيجي ختم ڪري ڇڏيو. جڏهن تھ پوائينٽس کي ٻنهي ٽيمن ۾ برابر حساب ۾ ورهايون ويون آهن. جڏهن تھ آسٽريليا جي جيس جوناسين 4 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button