رانديون

سريلنڪا ٻي ٽيسٽ ۾ پهرين ڏينهن 315 رنسون ٺاهي ورتيون، 6 آئوٽ

سريلنڪا ۽ پاڪستان جي ٽيمن ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن سريلنڪا 315 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ سندس 6 وڪيٽون ڪري پيون آهن. ميڊيا مطابق  گال جي ميدان ۾ پهرين ڏينهن سريلنڪا جي ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو بهتر ثابت ٿيو ۽ اوپنرن ٽيم کي بهتر شروعات ڏني. دنيش چنديمل 2 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 80 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي ٽيم جو اسڪور وڌايو. جڏهن تھ اوپنرن مان اوشاڊا فرنانڊو 50 رنسن ۽ ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني 40 رنسن تي آئوٽ ٿيا آهن. ڪوشل مينڊس کي آغا سلمان 3 رنسن تي رن آئوٽ ڪيو. اهڙي ريت ڌننجيا ڊي سلوا 33 رنسون اينجلو ميٿيوز 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ نروشن ڊڪوالا 42 ۽ دنيٿ ويلالاگي 6 رنسن سان راند ختم ٿيڻ تائين ڪريز تي موجود رهيا. پاڪستان جي بالرن مان محمد نواز 2 جو شڪار ڪيو، نعمان علي، نسيم شاهه ۽ ياسر شاهه بھ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button