رانديون

ڀارت ٻي ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائي سيريز کٽي ورتي

ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پڻ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز جي ٽيم بيٽر شائي جوپ جي 115 رنسن سميت 6 وڪيٽن تي 311 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ نڪولس پوران 74، ڪائلي مائيرس 39، شارمار بروڪس 35 رنسن جو حصو وڌو. جڏهن تھ ڀارت آخري اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. ڀارتي بيٽرن مان اڪشر پٽيل 64 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي ميچ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، شرياس آئير 63، شبمن گل 43، سنجو سيمسن 54 ٺاهيون. جڏهن تھ شيدل ٺاڪر 3 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button