رانديون

پاڪستان جي 17 بلائينڊ ڪرڪيٽرن جي ڪانٽريڪٽ جو اعلان

پاڪستان جي 17 قومي بلائينڊ ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ سان گڏ سندن معاوضو بھ وڌائي ڇڏيو آهي. اعلانيل ڪانٽريڪٽ تحت اي ڪيٽيگري ۾ 2، بي ڪيٽيگري ۾ 4 ۽ سي ڪيٽيگري ۾ 11 رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ اي ۾ بدر منير، نثار علي، بي ڪيٽيگري ۾ محمد راشد، فيصل محمود، رياست خان مطيع الله، سي ڪيٽيگري ۾ انيس جاويد، معين اسلم، محمد صفدر، محسن خان ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن تھ رانديگرن جي اي ڪيٽيگري ۾ 20 هزار، بي ڪيٽيگري ۾ 17 هزار ۽ سي ڪيٽيگري ۾ 15 هزار رپيا ماهوار معاوضو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button