رانديون

سريلنڪا جي اسپنرز تباهه آڻي ڇڏي، پاڪستان کي ٻي ٽيسٽ ۾ شڪست، سيريز برابر

سريلنڪا جي اسپنرز جو جادو هلي ويو آهي، جنهن پاڪستان کي ٻي ٽيسٽ ۾ 246 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز بچائي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني بيٽرن 89 رنسن تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي آخري ڏينهن تي اننگ شروع ڪئي تھ، ڪپتان بابراعظم ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي 81 رنسن سان ٽيم ۾ اميد پيدا ڪئي، امام الحق ڪجهه دير ساٿ ڏنو ۽ 49 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، پر بابراعظم جي آئوٽ ٿيڻ بعد باقي بيٽر پچ تي بيهي نھ سگهيا ۽ اهي آئوٽ ٿيندا ويا. جڏهن تھ محمد رضوان 37، فواد عالم هڪ، آغا سلمان 4، محمد نواز 12، ياسر شاهه 27، حسن علي 11 ۽ نسيم شاهه 18 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، نعمان علي بنا اسڪور جي ناٽ آئوٽ رهيو.

سريلنڪا جا رانديگر ميچ کٽڻ بعد پاڪستاني رانديگرن سان ملي رهيا آهن

سريلنڪا جي بالرن مان پرابٿ جئي سوريا 5 ۽ رميش مينڊس 4 وڪيٽون ورتيون آهن. ياد رهي تھ سريلنڪا راند جي چوٿين ڏهاڙي تي پنهنجي اننگز 8 وڪيٽن جي نقصان تي 360 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ ڌننجيا ڊي سلوا 109 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. سريلنڪا جي 508 رنسن جي هدف پويان کيڏندي پاڪستان جي سڄي ٽيم ٻي اننگز ۾ 261 رنسن تي آئوٽ ٿي شڪست جو شڪار ٿي وئي آهي. مجموعي طور تي سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 378 ۽ ٻي اننگز ۾ 360 رنسون ٺاهيون ۽ پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 231 ۽ ٻِي اننگز ۾ 261 رنسون ٺاهيون. جڏهن تُھ جئي سوريا پليئر آف دي سيريز ۽ ڌننجيا ڊي سلوا پليئر آف دي ميچ جا ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.  

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button