رانديون

پاڪستان شطرنج اولمپئيڊ جي ڀارتي ايونٽ ۾ شرڪت نھ ڪندو

پاڪستان عالمي شطرنج اولمپئيڊ جي ڀارتي ايونٽ ۾ شرڪت نھ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ڪالهه کان ڀارت ۾ شروع ٿي آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي اختيارين پاران ايونٽ جي مشعل والاريل ڪشمير مان گذارڻ تي پاڪستان ايونٽ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ عالمي چيز فيڊريشن جي ميزباني ۾ پاڪستان کي بھ چنئي واري ايونٽ ۾ وڃڻو هو، جنهن جي تياري پڻ مڪمل هئي، پر هاڻ ان جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ ڀارت شطرنج اولمپيئڊ جي مشعل والاريل ڪشمير مان گذاري سياسي بڻايو، تنهنڪري شرڪت نھ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button