سوشل ميڊيا جي اهميت تمام گھڻو وڌي ويئي آهي. ڪوبه مسئلو ۽ ڪابه ڳالهه اک ڇنڀ ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ پهچي ٿي وڃي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته تازو روس ۽ يوڪرين جي هلندڙ جنگ کي دنيا جي پهرئين سائبر وار جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي لمحي لمحي جي خبر، ميزائل حملن ۽ فوجن جي چرپر وغيره فوري طور فيس بوڪ، يوٽيوب ۽ انسٽاگرام وغيره تي اپلوڊ ٿي ٿي وڃي. ساڳي ريت سوشل ميڊيا ماڻهن کي ڪنهن به مسئلي تي ترت تحرڪ ۾ آڻڻ جو هڪ اهم ذريعو پڻ آهي. اهڙا کوڙ مثال اسان جي آڏو موجود آهن. عرب اسپرنگ ۾ گھڻن عرب ملڪن ۽ خاص طور مصر جي تحريڪ ۾ ان جو اهم ڪردار رهيو آهي.
ميڊيا هونئن ئي شروع کان ماڻهن جي رائي ٺاهڻ ۽ انهن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. 1960 جي ڏهاڪي تائين پرنٽ ميڊيا ان سلسلي ۾ اڳڀرو هو. هن وقت انٽرنيٽ جي اچڻ جي ڪري ان جو ڪردار پسمنظر ۾ هليو ويو آهي ۽ سوشل ميڊيا فيس بڪ، ٽوئٽر وغيره سڄي منظر تي حاوي ٿي ويا آهن. ان جي ڪري هر ماڻهو ڄڻ ته صحافي ٿي ويو آهي. Citizen Journalist جو اصطلاح عام ٿيندو پيو وڃي. ساڳي وقت اها ڳالهه به آهي ته پرنٽ ميڊيا کي مختلف ترغيبن ۽ ڌمڪين وسيلي قابو ۾ رکڻ حڪومتن لا سولو ڪم هوندو هو پر ان ڳالهه جي باوجود ته حڪومتون انٽرنيٽ جي استعمال تي مختلف پابنديون وغيره مڙهين ٿيون ۽ بلاگرز کي مختلف ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو جيئن تازو ڀارت جي مودي سرڪار گھڻن يوٽيوب چينلز وغيره تي پابندي وڌي آهي ۽ گھڻن وي بلاگرز تي مقدما قائم ڪيا آهن ۽ انهن کي گرفتار ڪيو آهي. مودي جي انهن پاليسين جي ڪري Digital Fascism جو اصطلاح استعمال ٿيڻ لڳو آهي. پر اها ڳالهه پڻ واضح آهي ته ان کي مڪمل طور قابو ۾ رکڻ هڪ ڏکيو عمل آهي ۽ حڪومتن جي اهڙي قدمن کي سڄي دنيا ۾ تنقيد کي منهن ڏيڻو پئي ٿو.
سوشل ميڊيا جي ڪري جيڪي تحريڪون جنم وٺنديون آهن انهن ۾ عام طور ٻه گروپ هوندا آهن. هڪ اهي جيڪي اها مهم هلائڻ سان گڏ سڙڪن تي احتجاج ۾ به شامل هوندا آهن ۽ اهي ئي ان تحريڪ جو ڳر يا جوهر هوندا آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي گھر ويٺي انهن جي پٺڀرائي ڪندا آهن. پر ساڳي وقت اها ڳالهه به پنهنجي جا تي آهي ته اها رڳو هڪ شروعات هوندي آهي ۽ ان کانپو گھڻي ڪجھه ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
ڪجھه سالن جي عرصي ۾ سوشل ميڊيا مختلف ملڪن ۾ ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ان سان ان جي افاديت ۽ اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. آمريڪا ۾ جارج فلائيڊ جي پوليس هٿان موت سوشل ميڊيا جي ڪري ئي نه رڳو آمريڪا پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ فوري ردعمل کي جنم ڏنو ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو نسل پرستي خلاف Black Lives Matter جو نعرو هڻندي ٻاهر نڪتا ۽ ايستائين ته آمريڪي صدر کي معافي گھرڻي پيئي.
عام طرح اهو سمجھيو وڃي ٿو ته سوشل ميڊيا سماجي ۽ سياسي تبديلي جو هڪ طاقتور ذريعو آهي. اهو ڪنهن سياسي اڳواڻ ۽ سياسي جماعت کانسوا ماڻهن کي وڏي پئماني تي تحرڪ ۾ آڻي سگھي ٿو. ان جا مثال اسان کي مختلف ملڪن ۾ ملن ٿا. پر آخري نتيجي ۾ اهو صحيح ناهي. ان کي رڳو ڪن مسئلن لا دٻا وجھڻ لا استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان حد تائين ئي اهو موثر هوندو آهي. جڏهين ته اڳتي جو ڪم سياسي جماعتن ۽ سياسي قوتن جو هوندو آهي. ان کي مختلف ملڪن ۾ مختلف مسئلن تي ماڻهن کي تحرڪ ۾ آڻڻ لا استعمال ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور عرب اسپرنگ هڪ اهم مثال آهي. مختلف ملڪن ۾ ان جا مختلف اثر ٿيا. مصر جو حوالو خاص طور اهم آهي. اها حڪمران طبقي جي سالن جي ڏاڍ، ڪرپشن، ظلم ۽ اسٽيٽس ڪو خلاف هڪ وڏي تحريڪ هئي جنهن ۾ ملڪ جون هڪٻئي کان مختلف ۽ متضاد نظريا رکندڙ سڀ وڏيون ننڍيون جماعتون ۽ سماج جا ٻيا گروپ شامل هئا پر ان تحريڪ جو ڪو واضح ايجنڊا نه هو ۽ نه ئي ڪا مرڪزي ليڊرشپ هئي. ان صورتحال ۾ فوج، جنهن جو ملڪي معاملن ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اها جمال ناصر جي دور کان اقتدار ۾ شامل رهي آهي، پاسي تي رهي پر ان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته حالتون گھٽ ۾ گھٽ ان جي هٿن مان نه نڪرن. مبارڪ جي قرباني ڏين کانپو چونڊون ۽ نئين آئين تي نگاهه رکي ويئي. اقتدار ته منتقل ڪيو ويو پر اخوان ۽ لبرل جماعتن جي اختلافن جو فائدو وٺندي فوج هڪ ڀيرو وري اقتدار تي سڌي ريت قبضو ڪيو ۽ ملڪ ۾ سياسي جماعتن خاص ڪري اخوان المسلمين خلاف هڪ مهم شروع ٿي ويئي. مختلف عرب ملڪن ۾ اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون پر اهي ڪامياب نه ٿي سگھيون. ليبيا ۽ شام وغيره جي صورتحال سڀني جي آڏو آهي. مصر جي سوشل ميڊيا تحريڪ جي هڪ اهم اڳواڻ گونمن ان سڄي صورتحال جو تجزيو ڪندي چيو ته هڪ پاسي ته سوشل ميڊيا ذريعي هلايل اها تحريڪ ماڻهن کي متحد ڪري ٿي ۽ اهي هڪ آمر جو تختو اونڌو ڪري سگھن ٿا ته ٻئي پاسي اها ماڻهن کي هڪ ٻئي کان ڇني ڌار ڪري ۽ ورهائي به ڇڏي ٿي. سندس اها ڳالهه گھڻن موقعن ۽ گھڻن ملڪن ۾ صحيح ثابت ٿي آهي.
ترڪي جي ليکڪا ايلف شفق جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا مان ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ، اڳتي وٺي وڃڻ ۽ تبديلي جي جيڪا توقع رکي پيئي ويئي اها پوري نه ٿي سگھي آهي. اها هڪ لحاظ کان اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ ماڻهن کي پنهنجين مايوسين ۽ محرومين جو حل مذهبي انتهاپسندي ۽ قوم پرستي ۾ فراهم ڪري ٿي ۽ ماڻهو جي انهن جذبن کي وڌيڪ تقويت فراهم ڪري ٿي.
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ان جي استعمال ۽ اثرن کي ڏسي سگھجي ٿو. ملڪ ۾ موبائل سبسڪرپشن جو تعداد اٽڪل پندرنهن ڪروڙ ٽيتاليهه لک آهي. پاڪستان ۾ جنوري 2020 ۾ اٽڪل ست ڪروڙ چوهٺ لک انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ هئا. 2019 ۽ ويهه جي عرصي ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي تعداد ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ ڏهه لک يا سترنهن سيڪڙو واڌارو آيو. جڏهين ته سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو تعداد جنوري 2021 ۾ چار ڪروڙ سٺ لک هو. 2020 ۽ 2021 جي عرصي ۾ ان ۾ چوويهه سيڪڙو يا نوي لک جي واڌ ٿي. جنوري 2021 ۾ ملڪ جي 20.6 سيڪڙو آبادي سوشل ميڊيا استعمال ڪري رهي هئي. جنوري 2022 ۾ اهو تعداد وڌي ست ڪروڙ سترنهن لک ٿي ويو. انهن مان سوشل ميڊيا جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ تعداد فيس بڪ استعمال ڪرڻ وارن جو آهي ۽ پو يوٽيوب، انسٽا گرام، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٽوئٽر وغيره اچي وڃن ٿا. جون 2022 جي انگن اکرن موجب اٽڪل ستر سيڪڙو فيس بڪ، ٽيويهه سيڪڙو يو ٽيوب ۽ ٽي سيڪڙو ٽوئٽر استعمال ڪندڙ آهن.
جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا وسيلي اڃا تائين ڪا وڏي سياسي تحريڪ منظم ۽ متحرڪ نه ٿي سگھي آهي پر مختلف سياسي جماعتن ان جي اهميت کي سمجھندي ان حوالي سان سيل قائم ڪيا آهن جيڪي پنهنجي ليکي ڪم ڪندا رهن ٿا. ان سان گڏوگڏ اهو به مشاهدو آهي ته سوشل ميڊيا خودرو طريقي سان به ڪن لاڙن کي اڳتي وڌائي ۽ مضبوط ڪري ٿي. مختلف وقتن تي اهو رياستي ادارن سان پڻ ٽڪرا ۾ اچي ٿو. ساڳي ريت جيئن ٻين مختلف ملڪن ۾ ٿيو آهي سوشل ميڊيا کي غلط اطلاعن ۽ معلومات ڦهلائڻ لا پڻ استعمال ڪيو ويو جنهن ماڻهن ۾ اشتعال ۽ نفرت کي جنم ڏنو. تازو خاص طور سنڌ جي حوالي سان اهو ڏٺو ويو ته مختلف قوتن پاران ان کي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ ۽ هڪ عدم استحڪام واري صورتحال پيدا ڪرڻ لا نهايت موثر نموني استعمال ڪيو ويو.
سياسي تبديلي لا رڳو سوشل ميڊيا تي نه ٿو ڀاڙي سگھجي. ان جي لا هڪ موثر ۽ مضبوط سياسي قوت جي ضرورت آهي جيڪا سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل، ماڻهن جي سوچ ۽ مختلف سياسي لاڙن ۽ تبديلين جو صحيح تجزيو ڪري ماڻهن جي لا هڪ اهڙي واٽ متعين ڪري جيڪا کين متحد رکي ۽ حقيقي سياسي تبديلي کي ممڪن بڻائي.