ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ نئون خطرناڪ سياسي گهوٽالو

Editorial- Articl-Muhammad Khan Sial

ملڪ ۾ سياسي ۽ اقتصادي گهوٽالو جيڪو اڳ، ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو ھو تنھن ۾ مجموعي طور حيرت انگيز نئين واڌ آندي وئي آھي. ھاڻي نه رڳو ملڪ جا سياسي ۽ اقتصادي مسئلا، اڃا به ڏينھون ڏينھن گهڻو وڌي ويندا پر سڀ کان اھم ڳالهھ اھا به آھي ته نئين پر خطرناڪ سياسي گهوٽالي جي نتيجي ۾ اقتصادي طور مکيه طوفان به اچي ويندو جنھنڪري عام ماڻھن جو جيئڻ گهڻو جنجال ٿي ويندو. اھا به سچائي آھي ته حيرت انگيز سياسي ۽ اقتصادي گھوٽالي خاطر، اڳتي ھلي عام ماڻھن کي وڏي پريشاني ٿي سگهي ٿي ۽ کين صدمو رسي سگهي ٿو.
ھاڻي اچو ته اصل گهوٽالي تي ڳالھايون. تازو 26 جولاءِ تي، ٽن ميمبرن واري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ واري ڪيس ۾ فل ڪورٽ قائم ڪرڻ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو. بھرحال، سپريم ڪورٽ جيڪو اھم فيصلو ڏنو آھي تنھن عام ماڻھن کي سخت اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آھي. اڳ ۾، چونڊيل پنجاب جي وڏي وزير ۽ نواز ليگ جي، حمزه شريف کي ھٽائي پرويز الاھي کي وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازيءَ جو حامي آھي.
حڪومتي سربراھن ۽ سندن حمايتين مطالبو ڪيو ھو ته ٽن ميمبرن بدران سپريم ڪورٽ جي فل بينج مقرر ڪئي وڃي جنھن جو اھم فيصلو سڀني کي قبول ھوندو پر انھيءَ مناسب مطالبي کي اھميت ڪونه ڏني وئي ۽ الٽو، ٽن ميمبرن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنھنجي اصلي فيصلي تي قائم رھي جنھنڪري سرڪاري ڌر جي اڳواڻن ۽ انصاف چاھيندڙ عام ماڻھن کي ظاھري طور سخت ڳڻتيءَ کي منھن ڏيڻو پيو ڇاڪاڻ ته انصاف جي بنيادي گھرج پوري ڪانه ڪئي وئي. بھرحال، سرڪاري ڌر ۽ سندن حامين ظاھري طور مجبوريءَ ڪارڻ ٽن ميمبرن جي سپريم ڪورٽ جو بائيڪاٽ ڪيو جيڪا معمولي ڳالهھ ڪانه آھي.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، پنجاب اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ واري ڪيس ۾ پرويز الاهيءَ جي درخواست منظور ڪندي ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري جي رولنگ رد ڪري ڇڏي. (اھا ڳالهھ نوٽ ڪريو ته فيسبوڪ تي وڊيو وائرل ٿيل آھي ته اڳ عمران خان، پرويز الاھيءَ کي چوڌري ڪونه سڏيو پر کيس پنجاب جو سڀ کان وڏو ڊاڪو سڏيو ھو پر ھاڻي سندس لاءِ فرشتو بڻجي ويو آھي).
چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني خاص بئنچ پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪيو. سپريم ڪورٽ جو فيصلو 11 صفحن تي ٻڌل ھو. چيف جسٽس، مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ٺيڪ ڪونهي، سا رد قرار ڏني وڃي ٿي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو ڪو قانوني جائز سبب ناهي، پنجاب ڪابينا به رد ڪئي وڃي ٿي، حمزه شهباز ۽ ان جا ساٿي پنھنجا عهدا ترت ڇڏي ڏين.
عدالت حڪم ڏنو آهي ته اڄ رات ساڍي 11هين وڳي تائين (26 جولاءِ) پرويز الاهيءَ کان وڏي وزير جو قسم ورتو وڃي، گورنر وڏي وزير جو قسم کڻي، فيصلي تي ترت عمل جي خاطري ڪئي وڃي. جيڪڏھن گورنر (پنجاب) قسم نه وٺي ته صدر (پاڪستان) قسم وٺي، فيصلي جون ڪاپيون ترت پنجاب جي گورنر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ چيف سيڪريٽريءَ کي موڪليون وڃن. ياد رھي ته سپريم ڪورٽ چيو ته فيصلو شام جو پوڻين ڇھين وڳي ڏينداسون پر انھن ته رات جو پوڻين نائين ڌاري فيصلو ڏنو. پوءِ، صدر، رات جو دير سان پرويز الاھيءَ کان قسم ورتو.
بھرحال، اھو عام تاثر اڳ ئي زور وٺي ويو ته ٽن ميمبرن واري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان،عمران خان جي فائدي ۾ فيصلو ڏيندي تنھنڪري پنجاب سرڪار ۽ سندن حامين حصو ڪونه ورتو. جڏھن ته ائين ئي ٿيو جنھنڪري اھو عام تاثر پيدا ٿي رھيو آھي ته عمران خان پوڻن چئن ورھين جي دور ۾ وزيراعظم طور ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي لاڳيتي آندي ھئي ۽ ڪروڙين غريب ماڻھو لاڳيتي مھانگائيءَ خلاف رڙيون دانھون ڪندا رھيا پر انھيءَ جو عمران خان تي اثر ڪونه پيو ۽ عمران خان عام ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ اڳ وانگيان ھاڻي به عملي طرح ڪو خاص قدم ڪونه کڻندو. بھرحال، اھو تاثر عام ھو ته عمران خان جڏھن اڳ اقتدار ۾ آيو ھو ته کيس”سليڪٽيڊ” سڏيو ويندو ھو. وري پنھنجي تازي رويي مان به اھا ڳالهھ ثابت ڪئي اٿس ته عمران خان کي عام ماڻھن جي ڀلائيءَ جو ٽڪو به احساس ڪونه رھيو آھي. ظاھري طور رڳو انھن لاءِ ڳڻتي ڪندو رھندو آھي جن کيس “سليڪٽيڊ” بڻايو ھو.
ھاڻي اھو سوچڻو پوندو ته ٽن ميمبرن جي سپريم ڪورٽ، عمران جِي حامي پرويز الاھيءَ کي پنجاب جو وڏو وزير مقرر ڪيو آھي پر اھو به سوچڻو پوندو ته ڇا عمران خان، اڳتي ھلي پنجاب جي مسئلن کي حل ڪندو ۽ اتان جي ماڻھن جا مسئلا نبيري ڇڏيندو. بھرحال، اھو به خاص ڪري نوٽ ڪرڻ گھرجي ته عمران خان اڳوڻي وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ سرائيڪي صوبي جي آڙ ۾ ووٽ ورتا ھئا پر وزيراعظم بڻجي ويو ته ھن پوڻن چئن ورھين جي عرصي دوران سرائيڪي صوبو قائم ڪونه ڪيو. ھن پنجاب ۾ نئون صوبو ٺاھڻ جي سلسلي ۾ ٽڪو به جدوجھد ڪانه ڪئي. انھيءَ مان سندس بدنيتي کليو کلايو ظاھر آھي.
تازو اڳوڻي وزيراعظم طور جي پوڻن چئن ورھين جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسجي ته عمران خان نيازي، پنجاب جي عوام يا سڄي ملڪ جي عوام جا سڌي يا اڻسڌي ريت مسئلا حل ڪونه ڪيا ۽ نه ئي ھاڻي سڌي يا اڻسڌي ريت ڪندو پر انھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي پراڻي روايت موجب جاري رکندو.
سندس جاءِ تي نئين چونديل وزيراعظم شھباز شريف کي اڃا ٽي چار مھينا مس ٿيا آھن وزيراعظم طور سندس اھميت مڃڻ کان انڪار ڪري، پھرين ڏينھن کان وٺي يعني مقرر وقت تي رٿيل چونڊن کان اڳ، عام چونڊن ڪرائڻ جا لاڳيتا ناٽڪ رچائيندو رھي ٿو. اھو اھم سوال آھي ته ڇا پنجاب ۾ سندس وڏي وزير جي عدالتي مقرريءَ واري فيصلي کانپوءِ ھاڻي به، سڄي ملڪ ۾ ترت چونڊن ڪرائڻ جو زوردار مطالبو ڪندو؟ سچائي اھا آھي ته عمران خان رڳو سکڻن بيانن تي گذر سفر ڪندو رھندو آھي ۽ رڳو خوبصورت ۽ وڻندڙ بيان ڏيئي عام ماڻھن کي ظاھري طور متاثر ڪندو رھندو آھي، عام ماڻھن کي متاثر ڪرڻ جا سکڻا بيان ته اڳتي ھلي به ڏيندو رھندو پر عام چونڊون ٻيھر ملڪ ۾ ڪرائڻ جو زوردار مطالبو گهڻو ڪري ڪونه ڪندو ڇاڪاڻ ته اھو عام تاثر آھي ته عمران خان کي عام ماڻھن جي باقاعدي ڀلائيءَ جي ڳڻتي ھرگز ڪانه ھوندي آھي البت ظاھري طور سکڻي”اسٽيبلشمينٽ” وارن جي ڳڻتي ضرور ھوندي آھي سا اڳتي به برقرار رکندو.
فيس بوڪ تي ھڪ شخص حسن شيخ پوسٽ رکي آھي ته:” 20 ميمبرن ھڪ مھينو اڳ پي ٽي آءِ خلاف ووٽ ڏنا ته انھن کي ٽن ججن چيو ته انھن جا ووٽ ڪائونٽ ڪونه ٿيندا ۽ اھي جج اڄ چئي رھيا آھن ته ووٽ ڳڻيا ويندا.” اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف تازو ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاھر ڪندي بيان ۾ چيو ته پاڪستان کي ھڪ تماشو بڻايو ويو آھي. ٽنھي ججن صاحبن کي سلام آھي.
ساڳي وقت اسان، سنڌ جي مکيه فائدي لاءِ سنڌ جي عوام کي نيڪ نيتيءَ سان دلي عرض ڪنداسون ته سنڌ جي فائدي خاطر عام اليڪشن جيڪا اڳتي ھلي ٿيندي تنھن ۾ جنھن پارٽيءَ کي وڻيو تنھن کي ڀلي ووٽ ڏجو پر منھنجو ذاتي عرض آھي ته عمران خان جي عوام ۽ سنڌ دشمني کي ضرور نظر ۾ رکجو جو ھن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڪيترا ڀيرا سنڌ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ھو ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ چيو ھائين ته: اندون سنڌ وارن کي ڪراچيءَ تي حڪمراني ڪرڻ جو حق ناھي. پوءِ اقتدار ۾ آيو ته ھو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو ته عمران خان جو اصل واسطو اسلام آباد سان ڪونه ھو، جڏھن ته سندس حامي ٽن صوبن يعني پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن جو واسطو به صوبن جي گاديءَ وارن
ٽن شھرن يعني پشاور، لاھور ۽ ڪوئيٽا سو ڪونه ھو سو سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ بابت سندس شڪايت غلط ھئي. مطلب ته کيس ظاھري طرح سنڌ سان نفرت آھي سو ھوشيار رھو.
پنجاب ۾ سندس حڪمراني جيڪڏھن ٿيندي ته به اتان جي عوام کي ڪو خاص فائدو ڪونه ٿيندو. رڳو سکڻا ۽ وڻندڙ بيان لاڳيتو جاري ڪري عام ماڻھن کي گمراهه ڪرڻ جي اڳ وانگيان لاڳيتو ڪوششون ڪندو رھندو. بھرحال، واسطيدار ميمبر، مٿي ڄاڻايل ڳالھيون نوٽ ڪري جيڪو به فيصلو ڪندا سو بھتر ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button