پي ٽي آ جي ٽن سالن جي سرڪار سان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته غيرعوامي قوتون ڀلي ڪهڙي به ٺاهه ٺوهه سان ۽ رنگ روگن هڻي پيش ڪيون وڃن، اهي بهرحال رهنديون غيرعوامي قوتون ئي. ان جو اظهار انهن جي پاليسين، قدمن ۽ فيصلن مان ٿيندو آهي. پي ٽي آ سرڪار ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان عوام جي مفادن کي جيئن ڪچلي رهي آهي، اهو عمل ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته ان کي عوام جي هڪ وڏي اڪثريت جي ڪا به حمايت مليل نه هئي، اهو ٺيڪ آهي ته شهري مٿين ۽ وچولي طبقي جي ڪجهه پرتن جو ساڻس ساٿ هو، پر پاڻ جنهن کي عوام جي وڏي اڪثريت چئون ٿا، اهو شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙين ۾ رهي ٿو. جڏهن ته پي ٽي آ هڪ شهري جماعت طور اڀري يا منظم انداز ۾ اڀاري وئي. ان جو بنياد شهرن ۾ هو. خير، ڪجهه به آهي، ان سان پاڻ پي ٽي آ ۽ خاص ڪري عمران خان ته ذليل ۽ خوار ٿيا آهن، پر جيئن چيو پيو وڃي، ان کي اقتدار ۾ آڻيندڙ ان کان به وڌيڪ ذليل ۽ خوار ٿيا آهن.
سندن ناڪامي جو عالم اهو آهي جو عالمي مالياتي سامراجي ادارن جو حڪم اکيون ٻوٽي مڃڻ باوجود وٽن نه اهميت آهي ۽ نه ئي افاديت! آ ايم ايف جهڙا سامراجي عوام دشمن ادارا جيئن چون پيا حڪمران ايئن ڪن پيا، پر تنهن جي باوجود به هو وٽن ڪونه پيا اگهامن. ان جو تازو مثال آ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ ويل نام نهاد ناڻي واري وزير شوڪت ترين جو آمريڪا جي گهٽين مان ذليل ٿي نڪرڻ آهي. ڪو به هڪ معاملو کانئن سڌو ڪو نه پيو ٿئي.
عوام کي هنن عوام ڪڏهن سمجهو ئي ڪونه، اهو سندن نظر ۾ رڍن ٻڪرين جو ڌڻ هو ۽ آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٽن سالن کي عوام تي معاشي بمباري ڪري رهيا آهن، اهو سوچڻ کانسوا ته سندن اهڙن ظالماڻن قدمن سان 10 هزار مهينو ڪمائيندڙ جو ڪهڙو حشر ٿيندو. مٿان وري وزير مشير عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ وارا بيان ڏيندا رهن ٿا.
جيئن رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته “معيشت تيزيءَ سان مضبوط ٿي رهي آهي، بجلي پيداوار ۾ 7 سيڪڙو واڌ ٿي. لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۽ برآمدي پيداوار ۾ واڌ ٿي آهي. ڪمند ۽ ڪپهه جي فصل جون شروعاتي رپورٽون به تمام هاڪاري آهن.” بلڪل هوندو پر ان باوجود ڀينگ ۽ ڀڙڀانگ ڇو لڳي پئي آهي؟ ڪاري وارا ڪک ڇو لڳا پيا آهن؟ يا حڪمرانن بيشرمي ۽ بي حيائي ۾ هڪ ٻئي کي پوئتي ڇڏڻ جي ڪا ريس لڳائي رکي آهي؟ لڳي ته بهرحال ايئن ئي ٿو. ڇاڪاڻ ته وزيرن مشيرن جا آئي ڏينهن اهڙا بيان اچي رهيا آهن. جيئن اسٽيٽ بئنڪ جي نام نهاد گورنر رضا باقر جو بيان آيو آهي. موصوف جو چوڻ آهي ته: “رپئي جو قدر ڪِرڻ سان اوورسيز پاڪستانين کي فائدو پهتو آهي. ان فائدي کي به نظر ۾ رکيو وڃي ته ڪيترن ماڻهن کي فائدو ٿيو. سندس چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف جا 27 مان 26 شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، تنهن ڪري پاڪستان جلد گري لسٽ مان نڪري ويندو. گذريل مالي سال جي ڊي پي گروٿ تقريبن 4 سيڪڙو رهي ۽ 4 سيڪڙو ريئل جي ڊي پي جو مطلب آهي ته مهانگائي جي ڀيٽ ۾ عوام جي آمدني ۾ به 4 سيڪڙو واڌ ٿي.” بنيادي طور عوام تي مڙهيل هي پاڳلن جو ٽولو عوام کي به پاڳل سمجهي ٿو. لڳي ٿو ته اوور سيز مريخ تي ڏوڪڙ اماڻيندا، ڇاڪاڻ ته سندن خاندان اتي رهن پيا، جتي پي ٽي آ سرڪار جي ظالماڻن قدمن جو ڪوبه اثر نه ٿيندو هوندو. کين پئسا کڻي ڪجهه وڌيڪ ملندا پر توهان مهانگائي ايتري ڪري ڇڏي آهي جو ان جي ان آڏو ڪا به حيثيت نه رهندي. ان کي به ڇڏيو، اوورسيز کي فائدو پهچڻ سان هتي رهندڙ عام ماڻهو جي زندگي ۾ ڪهڙُو مثبت ڦيرو ايندو؟ حڪمرانن کي اوورسيز جو ته اونو آهي پر جيڪي هتي رهن پيا انهن جي ڪا به ڳڻتي ناهي. جيڪڏهن بيشرمي کي ڪي سڱ هجن ها ته ضرور نظر اچن ها. موصوف چئي ٿو ته “ايف اي ٽي ايف جا 27 مان 26 شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، تنهن ڪري پاڪستان جلد گري لسٽ مان نڪري ويندو.” اهو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌون پيا، پر عملي طور اهڙو ڪجهه نظر نه پيو اچي. عملي طور جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه هن ريت آهي: “فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان کي ايندڙ سيشن تائين گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.”
بهرحال، نام نهاد اسٽيٽ بئنڪ گورنر اها دعويٰ درست ڪئي آهي ته “پاڪستان ۾ مهانگائي هٿرادو آهي.” پر اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته پي ٽي آ سرڪار ۾ ويٺل رت پياڪ مافيائون ئي ان هٿرادو مهانگائي ۾ ملوث آهن.
بهرحال، اهڙي ناڪام ۽ عوام دشمن پي ٽي آ سرڪار جو ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين پاڻ کي برقرار رکي وڃڻ وارو “معجزو” ان ڪري ٿي ويو جو جمهوريت ۽ عوام جي نمائندگي جي دعويدار مخالف ڌر جي پارٽين ٽن سالن کان غداري ڪئي. ان وچ ۾ پي ڊي ايم جي شڪل ۾ هڪ زبردست تحريڪ اڀري پر ان ۾ شامل موقعي پرست ۽ عوام دشمن پارٽين غداري ڪئي، ان تحريڪ کي منطقي نتيجي ڏانهن نه وٺي ويون. هاڻي وري اک پٽي اٿن. جمعي کان پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين مهانگائي خلاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي. لانگ مارچ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. اپوزيشن جي اڳواڻن جا ان بابت مسلسل بيان اچي رهيا آهن.
پ پ اڳواڻن قمر زمان ڪائرا ۽ نئير بخاري چيو آهي ته “پي ڊي ايم جي 25 مارچ جي لانگ مارچ کي ڪنهن روڪيو؟ جيڪڏهن لانگ مارچ ٿي وڃي ها ته هيءَ حڪومت ايوان ۾ نه هجي ها. لانگ مارچ به ٿيندو ۽ هن حڪومت کي وڃڻو به پوندو.”
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناالله چيو آهي ته “لانگ مارچ اسلام آباد پهتو ته نواز شريف به شامل ٿي سگهي ٿو.”
اهڙن بيانن کي اهميت ڏجي يا نه ڏجي واري ٻڏتر بهرحال موجود آهي. ڇاڪاڻ ته اپوزيشن جي تاريخ ڪا ايڏي چڱي ڪانهي. ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اپوزيشن ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، جيڪڏهن هو ڪجهه ڪرڻ چاهي ها ته گهڻو ڪجهه ٿي پئي سگهيو. ڇاڪاڻ ته عوام هن موتمار سرڪار مان بيزار آهن. جيڪڏهن اپوزيشن عوام جي ڪاز سان مخلص هجي ها ته هو ڪاياپلٽ ڪري پئي سگهي. پر هن اهڙو ڪو به تحرڪ پيدا نه ڪيو. ان جو مطلب اهو آهي ته هو معاملي کي منطقي انجام ڏانهن وٺي وڃڻ نٿي چاهي. رڳو بيان بازي ۾ پورا آهن. ڪا به اهڙي سنجيدگي نظر نه پئي اچي، جنهن سان هن عوام دشمن ناڪام پي ٽي آ سرڪار کي ڪيرائي سگهجي. بهرحال، هاڻي جڏهن مهانگائي خلاف احتجاج شروع ڪيو اٿن ته ڏسجي ته اهو ڪهڙا نتيجا ٿو ڏئي.