پاڪستانسنڌ

لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۾ ڪينسر ريسرچ ليبارٽري قائم

لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس سنڌ ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، ڊاڪٽر بنفشا منظور سيد، ڊاڪٽر محمد علي واريا، ڊاڪٽر شارق انور عابد ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان ملڪ جي پهرين سرڪاري ڪينسر ريسرچ ليبارٽري قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي قائم ٿيڻ سان ڪينسر جي مرض جي تحقيق، تشخيص ۽ علاج مقامي سطح تي ممڪن ٿي ويندو ۽ ڪينسر جي بيمارين لاءِ دوائون پڻ تيار ٿي سگهنديون. هن چيو ته ڪينسر ريسرچ ليبارٽري ۾ ٽيومر حياتيات، ٽيومر ۽ مريضن جي جينات ۽ سيرولوجي کي چڪاس ڪرڻ جي سهولت موجود آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button