سنڌ

لاڙ جي لعل سمن سرڪار جو ميلو شروع،بر ۾ بازارون لڳي ويون

لاڙ جي لعل درگاهه سمن سرڪار جو 90هون عرس مبارڪ شروع ٿي ويو. بر ۾ بازارون لڳي ويون. هزارين زائرين ميلي تي پهچي ويا. ان ڏس ۾ پارلياماني سيڪريٽري مذهبي معاملا هير سوھو، وڏي وزير جي صلاحڪار تنزيلا قمبراڻي، چيف ايڊمنسٽريٽر سنڌ زاهد حسين شر پنگريو ڀرسان درگاهه سمن سرڪار تي درگاهه تي چادر چاڙهي عرس جي تقريبن جو افتتاح ڪيو، جنهن کانپو ميلي جون باقاعده تقريبون شروع ٿي ويو. ميلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو. ان موقعي تي هير سوھو چيو ته درگاهون امن جا آستانا آهن، درگاهه سمن سرڪار تي 4 ڪروڙ جو ترقياتي ڪم هلي رهيو آهي، جيڪو جلد مڪمل ٿي ويندو. درگاهه تي ايندڙ پانڌيئڙن کي سڀ سهولتون فراهم ڪنداسين. تنزيلا قمبراڻي چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي. درگاهون امن سان گڏ مذهبي رواداري جون مثال آهن. ان موقعي تي پ پ ليديز ونگ جي اڳواڻ ساجدہ ٽالپر پڻ موجود هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button