سنڌ

پيپلز پارٽي بک، بيروزگاري ۽ لاقانونيت ڏني آهي:اياز پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پيپلزپارٽي کي سنڌ جي ماڻهن ووٽ ڏئي اقتدار اعلى تائين پھچايو، ان جي بدلي ۾ پ پ سنڌ جي ماڻهن کي ايڊز، ھيپاٽائيٽس، پيئڻ لاءِ گٽرن وارو پاڻي، بک، بدحالي، بيروزگاري، لاقانونيت، بدامني ۽ لاشن کانسواءِ ڪجھه نہ ڏنو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ پنهنجي موجوده دور حڪومت ۾ سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪا قصر نه ڇڏي آهي. وزيرن، مشيرن رڳو ڪرپشن ڪري پنھنجا گھر ڀريا آهن ۽ سنڌ جي عوام کي سکڻا آسرا ڏئي رلايو آهي. سنڌ حڪومت عوام جي خوشحالي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن. هن چيو ته عمران حڪومت عوام کي مھانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجھه نہ ڏنو آهي. بار بار اقتدار ۾ ايندڙ پارٽين سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھه ناھي ڏنو. اٽي لٽي اجھي ۽ جمھوريت جي ڪوڙن نعرن ذريعي عوام سان دوکو ڪيو ويو آھي. هن چيو ته تيل، گئس ۽ بجلي پيدا ڪندڙ سنڌ کي مھانگائي ۽ بدحالي جي باهه ۾ اڇلايو ويو آھي. سنڌ کي مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي. حڪمران پنھنجون پاليسون تبديل ڪن. ملڪ کي برابري ۽ ڀائچاري سان اڳتي ھلائي سگھجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button