سنڌ

ريتي کڻندڙ ٽرانسپورٽرن جو ڀتاخوري خلاف ڌرڻن جو اعلان

آل سنڌ ريتي بجري ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر محراب خان کوسو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ريتي ۽ بجري کڻندڙ ٽرانسپورٽرن سان انتظامي توڙي مقامي سطح تي زيادتيون وڌي ويون آهن، مقامي سطح تي ڀتي خورن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ايڪسائيز کاتي پاران ناجائز ۽ غيرقانوني ٽئڪس وصولي توڙي ٽول ٽئڪس انتظاميا پاران هر ڀريل ٽرڪ تي 2 هزار کان 4 هزار روپيا ٽئڪس توڙي ٽريفڪ پوليس جي ڀتاخوري ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڄامشورو ٽول پلازه موڙ وٽ گاڏيون بيهاري احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي، پو به مسئلا حل نه ٿيا ته سنڌ جي مک روڊ رستن تي گاڏيون بيهاري روڊ بلاڪ ڪيو ويندو، جنهن جي ذميوار سنڌ ۽ وفاقي حڪومت هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button