سنڌ

نااھل حڪمرانن جي ڪري مھانگائي عروج تي آھي:قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته نااھل حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ عالمي ادارن جي مرضين تي ھلڻ سبب مھانگائي عروج تي پھچي چڪي آھي. غريب مسڪين ماڻھو ماني جي ھڪ گرهه لاءِ پريشان آھي. ھڪ پاسي بيروزگاري سبب عام ماڻھو پريشان آھن ته ٻي طرف مھانگائي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. حڪمرانن ڪرپشن جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. حڪمرانن جي گھرن جون ٽجوڙيون توڙي ٻاھرين ملڪ جا اڪائونٽ پئسن سان ڀريل آھن پر غريب مسڪين ماڻھو ٽيڪسن جي نالي ۾ روز لٽجي ڪنگال ٿي رھيا آھن. هن چيو ته حڪمرانن ملڪ کي تماشو بنائي رکيو آھي. ھي ملڪ زرعي ملڪ آھي. ملڪ جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آھي ته پوءِ زرعي جنسن سميت عام کاڌي پيتي جي شين جا اگھه ڇو وڌيا آھن. هن چيو ته حڪمرانن کي عوام جو ڪو فڪر ناھي. جيڪڏھن حڪمرانن ملڪ ۾ معاشي بحران تي ڪنٽرول نه ڪيو. غربت ۽ مھانگائي کي ختم نه ڪيو ته خلق خدا کين اقتدار تان لاھيندي دير نہ ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button