سنڌ هڪ اهڙي بابرڪت ڌرتي آهي جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙا علمي، ادبي ۽ صحافتي جوڌا جوان پيدا ٿيا آهن جن سدائين ڌرتي ۽ ڌرتي واسين لاءِ پاڻ پتوڙي خدمت ڪئي آهي. اهڙن ئي مڻيادار انسانن مان سنڌ جو نوجوان اديب، ممتاز صحافي محمد قابل ڏاهري به هڪ هو. جنهن جي پهرين آگسٽ 2022ع تي 31 ورسي ملهائي رهيا آهيون. قابل ڏاهري مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن کان ٿيندو صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ حيدرآباد شهر ۾ رهي پنهنجي صحافت جا بهترين ڏينهن گذاريا. هو هڪ اصول پرست صحافي هو، جنهن پوري حياتي صحافت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هن کي مظلوم سان بي حد محبت هوندي هئي ڇاڪاڻ ته هو غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. ظالمن جي ظلم تحت جيل پڻ ڀوڳي چڪو هو. هن وٽ اديبن ۽ صحافين لاءِ وڏي عزت هوندي هئي، گهڻو ڪري چوندو هو ته صحافي بنا ڪنهن لالچ لوڀ ۽ ذات پات جي صحافت ڪري حقدارن کي حق ڏياري ۽ اديب بهترين ادب کي تخليق ڪري پنهنجي نسل جي بهترين تاريخ جوڙي ٿو. هونئن به اسان صحافين ۽ اديبن جو ڪوبه سرمايو نه هوندو آهي، فقط صحافي دوست ۽ ادبي رڪارڊ آهي.
قابل ڏاهري لاءِ سنڌ جا صحافي اها راءِ ٿا رکن ته هو هڪ سڄاڻ صحافي هو، جهڙو هئس نالو قابل تهڙو ئي هو قابليت وارو انسان هو. نيڪ نيتي ۽ بردباري سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. سنڌ ۾ آفيسر شاهي ۽ وڏيرا شاهي تحت مظلوم ماڻهن سان جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ ٿيندو هو، هي مرد مجاهد انهن جي آڏو سينو سهائي مقابلو ڪندو هو. هن تر جي ڪيترن ئي غريب هارين کي حق ڏياريو ۽ ناحق باندين کي زنجيرن جي هٿ ڪڙي کان ڇوٽڪارو ڏياريو. شاباس انهي پر عزم انسان کي جنهن غريبن ۽ غربت خاطر سڀ مصيبتون صبر ۽ شڪر سان برداشت ڪيون پر ڪڏهن به پنهنجي بيباڪي، عزم ۽ حوصلي ۾ فرق نه آندو اڪثر چوندو هو ته وڏيرو ڪڏهن به غريب سان سچو نه ٿيندو.
قابل ڏاهري دل جو صاف، دوستن جو همدرد، يارن جو يار ۽ مائٽن جو وفادار هو. سندس سادڙي شخصيت ڏاڍي پياري ۽ وڻندڙ هوندي هئي جيڪا سدائين ملندڙن ۾ ياد رهندي. هن جي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان دوستي هوندي هئي، سندس مهمان نوازي ته نرالي قسم جي هوندي هئي. هو تمام گهڻي قرب ۽ پاٻوهه سان آيل جي آجيان ڪندو هو. وٽس هر وقت ڪو نه ڪو مهمان ضرور هوندو هو.
بقول استاد بخاري جي:
گذريون جي اوهان ساڻ گهڙيون ته ياد ڪنداسين
مکڙيون جي محبت جون ٽڙيون ته ياد ڪنداسين
قابل ڏاهري تمام وڏي خوداعتماديءَ سان ڳالهه ڪندو هو ۽ جيڪو به اظهار ادب، صحافت ۽ سياست جي حوالي سان ڪندو هو ته ان تان هٽڻ يا ان ۾ ترميم ڪرڻ جي گنجائش جو قائل نه هوندو هو. ننڍي عمر پاڻ کي بهترين مقرر، ليکڪ ۽ صحافي طور پاڻ مڃرايو. جنهن لاءِ سنڌ جي مدبر ۽ اسڪالر علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيو ته هن ڇوڪر ۾ وڏي مڻيا ڏسان ٿو. هن ٿوري وقت ۾ اهو مقام حاصل ڪيو جيڪو ماڻهن کي سڄي زندگي محنت ڪرڻ کان پوءِ به نه ٿو ملي. هن پنهنجي ادبي، صحافتي ۽ اصلاحي خدمتن کي جاري رکندي ڪيترن ئي دوستن کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪرائي، هن وقت اهي سنڌ جا وڏا اسڪالر آهن. قابل ڏاهري انتهائي ذهين ۽ وڏي مطالعي وارو شخص هو، کيس ڪتابن پڙهڻ ۽ وٺڻ جو وڏو شوق هوندو هو. پريس جي ڊيوٽي کان پوءِ حيدرآباد جي مختلف اديبن، محققن، دانشورن، ايڊيٽرن ۽ صحافين سان ڪچهري ڪندو هو. سندس رهائش کان پريس تائين مختلف بوڪ اسٽالن کان ويندي علمي ادبي ادارن جي معروف سربراهن سان سندس بحث مباحثا ٿيندا هئا. ان کانسواءِ علم نجوم ۽ علم فلڪيات جي ماهرين سان سندس خاص ڪچهريون هونديون هيون. حيدرآباد پريس ڪلب جي صحافتي سرگرمين ۾ اڳ ڀرو رهيو. سال 92-1991ع واري گورننگ باڊي جو سرگرم ميمبر رهيو جنهن جي نگراني ۾ نئين تعمير ٿيل بلڊنگ جڙي راس ٿي. هن صحافت جي دنيا ۾ انهن ساٿين جو ساٿ ڏنو جيڪي آزاد صحافت ۾ يقين رکندا هئا ۽ جيڪي غريب ۽ مظلوم جي حقيقي ترجماني ڪندا هئا. هن حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه بابت گهڻو مواد گڏ ڪيو ۽ نئين تحقيق ڪري حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه بابت لکيو. هن جي ڳالهه ٻولهه ۾ هڪ فڪر هوندو هو. گهڻو ڪري حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو هو جيڪا سندس دوستن کي پسند هوندي هئي. هو هڪ بي ڊپو صحافي هو جيڪو هر ڪنهن کي منهن تي چئي ڇڏيندو هو. مظلوميت جو درد رکندڙ هڪ عظيم خدا ترس انسان هو. قابل ڏاهري چاپلوسي ۽ خوشامديءَ کان پري ڀڄندڙ هو. هو چوندو هو ته ڪردار هر ڪنهن جي سڃاڻپ آهي، ماڻهو ته هن جهان مان مري ويندو پر سندس ڪارناما نه مرندا آهن، چڱي ڳالهه ۽ تحرير ڪڏهن ناهي مرڻي. هو اڻ مئي محبت پيدا ڪري ويو آهي.
قابل ڏاهري مسڪيني حال هوندي به پروقار ۽ مانائتي زندگي گذاري. هن کي پنهنجي روحاني مرشد پير سائين پاڳاري جن سان بي حد عقيدت ۽ محبت هوندي هئي. روحاني محبت جي ڪري کيس حر تحريڪ ۽ شهيد اعظم امام انقلاب حضرت پير سيد صبغت الله شاه راشدي “سورهيه بادشاهه” بابت مواد گڏ ڪرڻ هو وڏو شوق هوندو هئس ۽ تحقيق ڪري حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه تي لکيو. سنڌ اندر سڀ کا پهرين سورهيه بادشاهه جون ورسيون ملهائڻ جو پڻ هن مرد مجاهد کي اعزاز حاصل هو. هو حر جماعت جو هڪ سچو ۽ کرو فرد هو. قابل ڏاهري مختلف سنڌي، اڙدو اخبارن ۾ نمائندگي کان پوءِ روزاني “مهراڻ” حيدرآباد ۾ ان وقت جي ايڊيٽر سيد سردار علي شاهه ذاڪر جي شاگردي قبول ڪندي بحيثيت سب ايڊيٽر طور ڊيسڪ تان صحافت جي شروعات ڪئي ۽ شاگردن جو صفحو، نئين ٽهي، مهراڻ رنگ، ساهت سٿ صفحن جو انچارج ٿيڻ کان سواءِ نيوز ايڊيٽر، اسٽاف رپورٽر ۽ انچارج ايڊيٽر طور صحافت جو ساٿ آخري گهڙي تائين نڀائيندو رهيو. ان کان سواءِ هو حيدرآباد پريس ڪلب ۽ حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جو پڻ سرگرم ميمبر ۽ عهديدار رهيو. شاگرد سياست کان ويندي صحافت جي دنيا تائين سندس ڪارناما ڳجها نه آهن اڄ به سندس سچيون ۽ کريون ڳالهيون دوست ۽ عزيزن ۾ گونجن ٿيون.
قابل ڏاهري زندگيءَ جي مصيبتن کي منهن ڏئي مس وڃي سک جو ساهه کنيو ته مٿان وري جلد کيس گڙدن جي بيماريءَ جي شديد تڪليف ٿي ۽ ڪراچيءَ جي هڪ سول اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو ته سندس ادبي ۽ صحافتي دوستن سندس علاج لاءِ اخبارن ۾ اپيلون ڪيون، تڏهن به ڪاوڙ ڪندي چوندو هو ته سرڪاري خرچ تي علاج نه ڪرائيندس، مون کان وڌيڪ امداد جا ٻيا حقدار آهن. مون کي خيرات ۾ مليل زندگي نه کپي. نيٺ 30 جولاءِ تي ڪراچيءَ کان ادبي، صحافتي ۽ سياسي دوستن ۽ اتان ڊاڪٽر کان موڪلائي برساتي رات ۾ پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ پهچي ابي ۽ امڙ جا پير چمي چيو ته بس! هاڻي دوا نه دعا جي ضرورت آهي. ٻئي ڏهاڙي پنهنجي عزيزن ۽ ننڍي هوندي جي دوستن سان مليو ۽ پهرين آگسٽ 1992ع جي شام اها مخصوص گهڙي آئي جنهن ۾ هن جهان تان نوجوان اديب ۽ ممتاز صحافي قابل ڏاهري اسان سڀني کان سدائين لاءِ موڪلائي ويو.
نوجوان اديب ۽ ممتاز صحافي قابل ڏاهريءَ جي ياد اسان کي اهو سيکاري ٿي ته لفظن جو تقدس بحال رکون، پنهنجي قلم واري قوت بنايون ڇاڪاڻ ته قلم ڪارن جو عوام سان هڪ عظيم رشتو هوندو آهي جيئن قلم ۽ ڪاغذ جو اڻ ٽٽ رشتو آهي. قابل ڏاهري سڄي حياتي ڏکن ۽ تڪليفن هوندي هن ڌرتيءَ تي سچائي جا گل پکيڙيا پر موٽ ۾ کيس ڇا مليو؟ ها اهو جيڪو هر اديب ۽ صحافي کي ملندو آهي!!
قابل ڏاهري منهنجي لاءِ ڇپر ڇانو هو. اڄ مان جو ڪجهه آهيان، اهو پنهنجي محسن جگري ڀاءُ جي ڪري آهيان. سندس يادگيرين جو اڻ کٽ سلسلو آهي، جيستائين حياتي آهي قابل ڏاهري هر موقعي تي ياد ايندو، سندس ادبي ۽ صحافتي يادگيري جي سندس ياد کي تازو ڪيو پيو وڃي.