ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊائريا ۾ ورتل ٻارڙا

Editorial

سنڌ جي شهري آباديءَ کي پيئڻ جو پاڻي ته ڪونه پيو ملي پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ به صورتحال بنهه گهڻي خراب نظر اچي رهي آهي. گذريل ستن ڏهاڪن کان هتان جا حڪمران ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ڪونه ڏئي سگهيا آهن، جنهن جي ڪري نه رڳو اهي بيمارين کي منهن ڏيندا رهندا آهن پر اهي ڪيترين ئي ٻين مسئلن کي به منهن ڏيندا رهندا آهن. حڪومت پاران صاف پاڻي نه فراهم ڪرڻ جي سبب اهو پئسو صحت تي خرچ ڪندي آهي. جڏهن ته عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته اهو پئسو بچي سگهي ٿو. حڪومت سائي ۽ ٻين مرضن تي صحت کاتي کي ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڏيندي آهي پر اها ان پاسي ڌيان نه ڏيندي آهي ته عوام کي پيئڻ جو صاف فراهم ڪيو وڃي. جنهن جي ڪري عوام نه رڳو هر حوالي سان پريشاني کي منهن ڏيندو رهندو آهي پر خاص طور تي ننڍڙا ٻارڙا پيٽ جي ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ برساتن جي مند ۾ حالت وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي، جڏهن پاڻيءَ جي وسيلن ۾ گندو پاڻي ملي ويندو آهي ۽ اهو پاڻي ماڻهو واپرائين ٿا ته بيمارين جو شڪار ٿي ويندا آهن، جهڙي ريت هاڻوڪن ڏينهن ۾ ٿي رهيا آهن. حڪمران ته هتان جو پاڻي به استعمال نٿا ڪن اهي ته پنهنجي پيئڻ جو پاڻي به ٻاهران ٿا گهرائين، انهن کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته عوام ڪهڙو پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ان کي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا آهن. سنڌ ۾ هن وقت ڊائريا ۽ دستن جو مرض پکڙيل آهي. ان مرض جي ڪري ٻارڙا سخت متاثر ٿي رهيا آهن. ان ڪري انهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ ڊائريا ۽ دستن جي حوالي سان جيڪي تازو انگ اکر آيا آهن، اهي ڳڻتي جوڳا آهن. ڪالهوڪي آيل هڪ رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پنج هزار کان وڌيڪ ٻار ڊائريا ۽ دستن جو شڪار ٿي استپالن ڀيڙا ٿيا آهن. سنڌ جي صحت کاتي موجب صوبي ۾ پنجن مهينن ۾ پنجن لکن کان وڌيڪ بار ڊائريا ۽ دستن ۾ وٺجي ويا آهن. پنجن کان گهٽ ڄمار جا 2 لک 22 هزار 409 ٻار ۽ پنجن سالن کان وڌيڪ ڄمار جا 2 لک 45 هزار 286 ٻار ان مرض ۾ وٺجي ويا آهن. اهڙي ريت 56 هزار کان وڌيڪ ٻار دستن جي شڪار سبب اسپالن ۾ آندا ويا آهن. هاڻوڪين برساتن انهن ڪيسن ۾ واڌ ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۾ 84 هزار کان وڌيڪ ٻار ڊائريا جو شڪار ٿيا آهن. سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڏکڻ ضلعي ۾ ٿيا آهن. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي موسم ۾ کائڻ پيئڻ ۾ احتياط ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. ڳريل سڙيل ميون ۽ ڀاڄين کان پرهيز ڪيو وڃي. ان حوالي سان اسين انهن ئي صفحن ۾ ڪيترا ڀيرا لکي چڪا آهيون پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ ڪانه ٿي سري، ڇاڪاڻ ته انهن کي ان ڳالهه سان ڪو واسطو ناهي ته ڪهڙي ريت عوام جي زندگي پريشانيءَ ۾ گذري رهي آهي. پر انهن کي رڳو پنهنجون ڪرسيون بچائڻيون آهن. پر ڇا عوام کان ووٽ وٺي انهن جي مسئلن کي حل نه ڪرڻ جائز عمل آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي عوام کي اولين ترجيح تي پيئڻ جو صاف پاڻي ملڻ گهرجي. ان کي هر صورتحال ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جون سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ جي حڪمرانن جي ذميواري آهي، جنهن کان اهي لنوائي رهيا آهن. جيڪڏهن ڊائريا ۽ دستن جو سلسلو جاري ٿو رهي ته ان سان وڌيڪ ٻار ان بيماريءَ جو شڪار ٿيندا ۽ اسپتالن لاءِ به انهن کي رکڻ مسئلو ٿي ويندو. تنهنڪري ان پاسي ترت ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ننڍن شهرن ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگهي. ان کان سواءِ عوام کي به گهرجي ته اهو هاڻوڪي مند ۾ وڌ کان وڌ احتياط ڪري ته جيئن بيمارين کان بچي سگهي. ڇاڪاڻ ته خراب پاڻي استعمال ڪرڻ کان سواءِ کاڌي پيتي جي شين ۾ احتياط نه ڪرڻ جي ڪري بيماريون وڌي وينديون آهن ۽ انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button