ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات جون تباهيون

Editorial-Article- Shahid Rajper

تازو برساتن ۾ جيڪا تباهي ٿي آهي، اها ڪنهن کان به ڳجهي ناهي ۽ هن قيامت جهڙي صورتحال کان عوام ۽ خاص طور حڪمران، سياستدان ۽ ڪامورا لاتعلق بڻيل آهن، اهو عمل اسان لا ڳڻتي جوڳو آھي. ڇاڪاڻ ته نام نهاد قومي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گهڻو زور سياسي سرگرمين ۽ حڪومتي وهنوار تي فوڪس ٿيل آھي ۽ لڳي ائين رهيو آھي ته اهي پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي فرض ۽ غريب مسڪينن جي اهنجن کان لاتعلق بڻجي يا ڄاڻي واڻي چپ جو روزو رکيو ويٺا آھن. جڏهن ته برساتي تباهي به اهڙن علائقن ۽ صوبن ۾ ٿي آهي جيڪي سالن کان نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪندا رهيا آهن ۽ شايد برسات سٽيل علائقن ۽ صوبن کي نظرانداز هجڻ ڪري انهن تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏئي رهيو آھي.
جيڪڏهن ڪنهن وڏي ۽ ميٽروپوليٽن شهر ۾ ڪو گٽر ۽ نالو به بند ٿئي ٿو ته سڄي حڪمران مشينري ۽ سياستدان اتي پهچي وڃن ٿا پر هتي سنڌو دريا سميت ڪيترن ئي واهن نالن ۾ انساني حياتيون لڙهي رهيون آهن پر سياستدانن سميت ڪابه ذميوار ڌر تحرڪ ۾ نه آئي آهي پر سندس چپن تي تالا لڳي ويا آهن ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي تڪليف نظر نه پئي اچي جڏهن ته ڪا سماجي تنظيم به هن وقت تائين ميدان ۾ نه نڪتي آھي.
تازو سانوڻي جي برساتن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آھي. برسات جي تباهي جون جيڪي پوسٽون ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي اچي رهيون آهن، اهي هوش حواس وڃائي ٿيون ڇڏين. سنڌ سرڪار ۽ بلوچستان سرڪار جيڪي برساتي صورتحال بابت انگ اکر جاري ڪيا آهن. اهي تباهي جي نقصانن جي شاهدي ڏئي رهيا آهن. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري موجب سانوڻي جون برساتون پنج سئو سيڪڙو وڌيڪ پيون آهن، جن ۾ هڪ سئو يارهن انساني حياتيون ضايع ٿي ويون آهن، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جو فرمان آهي ته سڄي سنڌ ۾ برساتن دوران مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 93 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن. سوين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جيڪي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. جڏهن ته سندن واهر لا سرڪار ۽ صحت کاتي سميت نه ڪنهن ڪاموري اڳڀرائي ڪئي آھي نه ئي چونڊيل نمائندن توڙي سماجي تنظيمن. پيئڻ جي پاڻي ۾ نالين جو گندو پاڻي مڪس ٿيڻ ۽ مڇرن سبب مليريا ڊائريا، پيٽ جي سور، ڪالرا ۽ دستن منهن ڪڍيو آھي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ٺاروشاهه ۾ ڊائريا وبائٔي صورت اختيار ڪري وئي آھي اهڙي حالت ۾ سرڪاري اسپتال مان ڊاڪٽر گم ۽ دوائن جي سخت کوٽ سبب علاج نه ٿيڻ ڪري ٺاروشاهه وارڊ نمبر 8 جي واسي هوٽل تي مزدوري ڪندڙ پورهيت صابر چنه جا ٻه معصوم پٽ ڊائريا وگهي فوت ٿي ويا آهن، جڏھن ته سندس هڪ معصوم نياڻي پڻ گيسٽرو سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هڪ نجي اسپتال ۾ داخل آھي. ٺاروشاهه شھر سميت سموري سنڌ جا ڪيترائٔي معصوم ٻار گيسٽرو سميت ٻين وبائي مرضن ۾ ورتل ھجڻ سبب بي يارو مدد گار گھرن ۾ پيل آھن، جن جي پڻ ڪير سار لهڻ لا تيار ناهي. ڄڻ ته سنڌ واسين جو سڪون ۽ خوشيون انهن برساتن ۽ نئين مان ايندڙ پاڻي جي تيز وهڪرن ۾ لڙهي ويون آهن.
موسم جي ماهرن جو چوڻ آهي ته برساتن جو اهو سلسلو اڃا جاري رهندو. هاڻ نئون برساتي سلسلو سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن مان اڃان به وڌيڪ تباهي ٿيڻ جو امڪان آهي. پٺ تي پيل علائقن ۾ برسات سبب اڳ ئي ٻوڏ واري صورتحال آهي ۽ ماڻهن وٽ رهڻ لاءِ پڻ جوڳا بندوبست نه آھن ۽ روڊ رستا به تيز وهڪرن ۾ لڙهي ويا آهن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ۽ شھرن سان رابطا پڻ ڪٽجي ويا آھن. بک، بدحالي ۽ بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي.
حڪومت ۽ صحت کاتي پاران پڻ انهن علائقن ۾ صحت جون ڪي به سهولتون مهيا نه ڪيون آھن ۽ نه ئي ڪي متبادل رستا مهيا ڪيا آھن، نه ئي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آھن. جن تائين بيمارن کي پهچائي ڪا واهر ڪئي وڃي پر موجوده صورتحال ۾ اهو ناممڪن نظر اچي رهيو آهي. مقامي انتظاميه عملي قدم کڻڻ بدران ڪاغذي ڪارروائي ۽ نالي ماتر خانه پري ڪرڻ ۾ مشغول آھي.
ڏٺو وڃي ته مون سون برساتن سبب تباهي ۽ وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، انهن جي واهر نه ٿيڻ سبب صورتحال ڪنٽرول کان نڪري سگهي ٿي ۽ ايندڙ برساتي اسپيل سبب وڌيڪ تباهي ۽ وبائي مرض منهن ڪڍي سگهن ٿا. موجوده صورتحال ۾ ايڏي پئماني تي رليف جا ڪي ڪم نظر نه پيا اچن ۽ متاثر ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت وقت گذارڻ ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن.
رياست توڙي حڪومت متاثرن جي واهر لاءِ تڪڙا ۽ اثرائتا کڻڻ بدران رڳو ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪندي ته پوءِ عوام ڪنهن در دانهيندو، جڏهن ته حڪومت کي فوري طور تي متاثر علائقن تائين پهچي متاثر ماڻهن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪري کين رليف فراهم ڪري ۽ اهو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو وڃي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته حڪومت ۽ مقامي انتظاميا کي اهي اپا برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال کان اڳ کڻڻا هئا ڇاڪاڻ ته موسميات کاتي پڻ اڳواٽ آگاهه ڪيو هو ته تيز برساتون اينديون ۽ جيڪڏهن اڳواٽ صورتحال تي ضابطو آندو وڃي ها ته ايتريون ڏکيون حالتون پيدا نه ٿين ها، وري حڪومت کي گهرجي ته صحت کاتي ۽ مقامي انتظاميه کي اگهور ننڊ مان جاڳائي عملي طور تيار رهڻ جون هدايتون ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جو پابند بڻائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button