ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد جي سرڪاري آفيس ۾ وڻن جي واڍي

Editorial

سنڌ جا شهر وڏي وقت کان وڻن کان خالي پيا ٿيندا وڃن، ايستائين جو سرڪاري عمارت ۾ پوکيل وڻ به هاڻ گهٽ ٿا نطر اچن. ٿلهي ليکي اسان جي سماج جو رويو ماحول دشمن آهي، هڪ پاسي عام ماڻهو آهن، جيڪي ماحوليات کي سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن ته ٻئي پاسي اهي ماڻهو آهن، جيڪي ماحوليات جي بهتريءَ لاءِ وڻن جي اهميت کي ڄاڻندي به وڻن جي واڍي جو سلسلو جاري رکندا پيا اچن، جنهن جي ڪري شهرن ۾ وڻ پوکڻ جو رواج ته ناهي رهيو پر وڻ وڍڻ جو رواج وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو اڃا به جاري رهيو ته سنڌ جي شهرن ۾ جيڪي اسان کي ٿورا گهڻا وڻ نظر اچي رهيا آهن، سي به غائب ٿي ويندا. پر شهرين کي اهو سمجهڻو پوندو ته هڪ وڻ آڪسيجن جو خزانو هوندو آهي، جڏهن ڪوبه هڪ وڻ وڍجي ٿو ته آڪسيجن جو هڪ وڏو ذريعو ختم ٿي ويندو آهي. تنهنڪري آڪسيجن جي ان ذريعي کي بچائڻ ضروري آهي. ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ وڻن جي خبر رپورٽ ٿي آهي. اها واڍي سرڪاري آفيس ۾ ڪئي وئي آهي.
خبر موجب حيدرآباد ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي آفيس جي تاريخي وڻن کي ضلعي انتظاميا جي اجازت کانسواءِ عملدارن وڍي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. ڊي سي نوٽيس وٺي ڇڏيو، اي سي قاسم آباد پوليس سميت پهچي ويو. خبر موجب نيب آفيس گدو چوڪ ڀرسان ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آفيس مان نم سميت ٻين قيمتي وڻن کي انتظاميه طرفان وڍي پٽ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نم جا وڻ تمام گھڻا پراڻا ھئا، وڻن کي وڍي ڪاٺين جون ٽراليون ڀري وڪرو ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو اطلاع ملڻ تي اي سي قاسم آباد کي واقعي واري ھنڌ موڪلي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو. جيڪو پوليس سان گڏجي واقعي واري هنڌ پهتو. ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته جمعي کان وڻن جي واڍي شروع ڪئي وئي آھي، عمارت جي تعمير لا وڻ وڍيا ويا آھن، ذريعن موجب وڻن جي غيرقانوني واڍي ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سرڪاري عمارتن ۾ وڻن جي واڍي لا اجازت لازمي ھوندي آھي، ڪاٺين جو وڪرو ٽينڊر وسيلي ڪرڻو ھوندو آھي، ڄاڻايل آفيس ۾ غيرقانوني واڍي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو انتظاميه نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. اهو عجيب منطق آهي ته عمارت تعمير ڪرڻ لاءِ وڻ وڍيا ويا آهن، جڏهن ته عمارت ڪٿي به تعمير ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ وڻن جي واڍي لازمي نه هوندي آهي. ڇا ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي وارن کي اهو اندازو ناهي ته هڪ وڻ جيڪو اسان کي مفت ۾ آڪسيجن فراهم ڪري ٿو، اها ئي ساڳي آڪسيجن اسپتالن ۾ ڪيتري مهانگي اگهه تي مريضن کي ڏني ويندي آهي، جڏهن ته اسان کي وڻن وسيلي آڪسيجن بلڪل مفت ۾ ملندي رهندي آهي پر ان جو مقدار ان وقت گهٽجي ويندو آهي، جڏهن وڻن جي واڍيءَ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو آهي. تنهنڪري شهرن ۾ ڪاربان جو مقدار وڌي رهيو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي جو سنڌ جي مختلف جاگرافيائي حصن ۾ اتان جي ماحول پٽاندر وڻ پوکيا وڃن. اهي وڻ جيڪي اتان جي ماحول سان هڪجهڙائي رکندا هجن، اهي اتي پوکيا وڃن ۽ انهن جي سار سنڀال پڻ لڌي وڃي. پر جڏهن سرڪاري عملدار ئي ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تيار نه هجن ته وڻن جو هجڻ ڪيترو ضروري آهي ته پوءِ عام ماڻهوءَ تي ڪهڙي ميار ڏئي سگهجي ٿي.
اسين سمجهون ٿا ته ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي آفيس ۾ وڻن جي واڍي واو عمل نه رڳو افسوس جوڳو آهي پر نندا جوڳو به آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حيدرآباد ۾ وڌ کان وڌ وڻ پوکيا وڃن ۽ جتي جتي به سرڪاري آفيسن ۾ وڻ موجود آهن، انهن سان ڪابه هٿ چراند نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اها اصل ۾ ماحول سان هٿ چراند آهي، جنهن سان ماحولياتي تباهي جنم وٺي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button