مون لکڻ جي شروعات ڪهاڻي، شاعري ۽ ڊرامن سان ڪئي. پنهنجي ڪاليج ۾ پڙهائي دوران مون اها مشق شروع ڪئي. هئي. ان وقت انهن مان ڪجھه شيون مون سنڌي ادبي سنگت لياري ۽ هڪ اڌ شي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ به پيش ڪيون هيون. انهن مان ڇپجڻ لا مون ڪا ٻه شي نه موڪلي. اهو ابتدائي مرحلو هو. مون کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته اها شايد منهنجي فيلڊ نه هئي. اهو ان جي باوجود هو ته آئون سنڌي، اردو ۽ ڪوشش ڪري انگريزي فڪشن جا مختلف ڪتاب شوق سان پڙهندو هوس. پر منهنجو لکڻ مختلف سياسي، سماجي، معاشي ۽ ادبي موضوعن تي مضمونن ڏانهن منتقل ٿي ويو ۽ اها هڪ ليکڪ طور منهنجي سڃاڻپ ٿي ويئي. گھڻو عرصو پو خيرپور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪرايل ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ عبدالقادر جوڻيجي جڏهين اسٽيج تان بيهي اهو اعلان ڪيو ته جيئن منٽو جي وفات سان اردو ڪهاڻي مري ويئي ساڳي ريت نسيم کرل جي وفات سان سنڌي ڪهاڻي جو انت ٿي ويو. ان پسمنظر ۾ مون هڪ طنزيه مضمون لکيو هو جيڪو ان وقت هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۾ ڇپيو هو.
هاڻي ائين ٿيندو آهي ته ڪڏهين ڪا سٽ من تي تري ايندي آهي جنهن جو ڪڏهين ڪٿي اظهار ڪندو آهيان ۽ ڪڏهين اها پنهنجي ليکي ختم ٿي ويندي آهي. هڪ لحاظ کان مون اهو سمجھي ورتو آهي ته شاعري ۽ فڪشن لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. ممڪن آهي ته ڪوشش ڪجي ته اهو ممڪن ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته لطيف احساس ته هر ماڻهو ۾ موجود آهن ۽ ماڻهو جو لاشعور ڪڏهين به ڪي ڪرشما ڏيکاري سگھي ٿو. بهرحال شاعري ۽ فڪشن پڙهڻ اڃا به منهنجو Passion آهي ان سان مون کي پنهنجي ٻئي ڪم لا اتساهه ملندو آهي.
منهنجي سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو منهنجي لکڻ جي عمل ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. شروع ۾ سنڌي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي دوستن سان منهنجو ناتو جڙيو. ان تعلق هڪ ترقي پسند نڪته نظر جوڙڻ ۾ مدد ڪئي. اڳتي هلي اهو دائرو اڃا وسيع ٿيو. آئون ڪجھه عرصو مختلف تنظيمن سان لاڳپيل رهيس. سنڌي ادبي سنگت جي مختلف شاخن سان منهنجو هڪ ڊگھي عرصي تائين تعلق رهيو. ان سان گڏوگڏ ڪراچي جي ادبي تنظيمن جهڙوڪ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ عوامي ادبي انجمن سان واسطو رهيو ۽ انهن جي گڏجاڻين ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندو رهيس.
منهنجي باقاعدي لکڻ ۽ ڇپجڻ جي شروعات روزاني هلال پاڪستان، جيڪا نئين سر ۽ جديد طرح سان 1970 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ڪراچي مان شائع ٿي، کان ٿي. ان وقت آئون اخبار جي شاگردن جي صفحي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سرگرمين متعلق لکندو هوس.
منهنجو پهريون سياسي مضمون 1977 ۾، جڏهين ڀٽو خلاف چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان پي اين اي جي تحريڪ هلي رهي هئي، لياري جي سياسي صورتحال جي عنوان سان سنڌي عوامي تحريڪ جي ترجمان رسالي تحريڪ ۾ ڇپيو هو. ان کانپو منهنجي خاص توجھه عالمي معاملن تي هئي. ايران ۾ شاهه خلاف تحريڪ هلي رهي هئي، ترڪي ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر ۾ پرتشدد ٽڪرا روز جي ڳالهه هئا. انهن موضوعن تي منهنجا مضمون تحريڪ ۾ ڇپيا.
اسان جي بغدادي واري گھر جي ڇت تي هڪ ڌار ڪمرو ٺهيل هو جتي ڪتابن جا شيلف به هئا ۽ صوفا ڪرسيون به پيل هيون. هتي اسان ڪجھه دوست خاص طور رحيم بخش آزاد، شمس خواجه ۽ مرتضيٰ سولنگي وغيره وقت بوقت گڏبا هئاسين. مرتضيٰ ته هتي ڪڏهين رات جو به رهي پوندو هو. انهن گڏجاڻين مان اتساهه وٺندي منهنجو مضمون ايل سلواڊور ۽ لئٽن آمريڪا جو انقلاب سامهون آيو. اهو هڪ تفصيلي مضمون هو جنهن ۾ لاطيني آمريڪا ۽ ايل سلواڊور جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو هو. ان وقت پاڪستان ۾ ضياالحق جو مارشل لا هو. دوستن ان مضمون جي ساراهه ته ڪئي پر ساڳي وقت اهو به چيو ته اهو شايد ڪٿي ڇپجي نه سگھي. پر ٿيو ائين ته ان وقت سردار قريشي هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هو. هن ان مضمون کي ليڊ آرٽيڪل ڪري هلايو. طوالت جي ڪري مضمون قسطوار هلايو ويو. ڪافي ڏينهن تائين ان مضمون جو ذڪر هلندو رهيو.
هتي ان ڳالهه کي واضح ڪندو هلان ته منهنجي هن ڪم جو مقصد ڪا مالي منفعت نه هئي ۽ نه ئي مون کي ان جي ادائيگي ڪئي ويندي هئي. هڪ ته اهو منهنجو شوق هو ۽ ٻيو ته جن دوستن سان آئون لاڳاپيل هوندو هوس انهن جي ڏنل اتساهه جي ڪري به ائين ٿيندو هو.
ان کان پو ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرستي خلاف جدوجهد تي هڪ ڊگھو مضمون هو. آئون ان وقت جنهن پارٽي ۾ ڪم ڪري رهيو هوس انهن جو چوڻ هو ته ان کي پارٽي جي پرچي ۾ ڇاپيون جيڪو سائيڪلواسٽائل ڇپبو هو ۽ جنهن جي محدود سرڪيوليشن هوندي هئي. ان وقت ف م لاشاري هلال ميگزين جو انچارج هو. هن دوستن کي سمجھايو ته جڏهين ڪا شي قانوني ذريعن سان ماڻهن تائين پهچي سگھي ٿي ته پو غيرقانوني ذريعا ڇو استعمال ڪجن. اهڙي ريت ان مضمون کي به هلال مئگزين ۾ قسطوار هلايو ويو.
شايد تاريخون اڳتي پوئتي ٿي وڃن. ان کانپو منهنجو لکڻ جو عمل لاڳيتو جاري رهيو. مصر جي صورتحال تي هڪ ڪتابچو آيو جڏهين ته فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان فلسطين ۽ سامراج جي عنوان سان هڪ ڪتاب آيو جيڪو سنڌ جي گھڻن حلقن تائين پهتو. ان سان گڏوگڏ منهنجو ترجمي ڪرڻ جو ڪم پڻ جاري رهيو. فيڊل ڪاسترو جي هڪ ڊگھي تقرير جو سنڌي ترجمو ڪتابچي جي صورت ۾ ڇاپيو ويو. چلي ۾ پنوشي جي ڪو کانپو وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون ويون ۽ ٽارچر ڪيمپ قائم ڪيا ويا. چلي جي ڪيمونسٽ پارٽي جي اڳواڻ روڊريجوروجاس پنهنجي ٽارچر ڪئمپ جي ڊائري لکي جنهن جو مون گوڏن ڀر نه جھڪنداسين جي عنوان سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو 1988 ۾ ڇپيو. تازو انعام عباسي نئون نياپو پاران ان جو ٻيو ڇاپو آندو آهي. ان عرصي ۾ سنڌيڪا اڪيدمي پاران منهنجا ترجمو ڪيل ٻه ڪتاب ٽين دنيا جون فوجي آمريتون ۽ سرد جنگ جا پنجاهه سال ڇاپيا ويا. پهرئين ڪتاب ۾ طارق علي جو ڪتاب Can Pakistan Survive? ۽ عبدالله ملڪ جا ڪجھه مضمون شامل هئا جڏهين ته ٻيو ڪتاب اڳوڻي سوويت يونين جي هڪ ڊگھي عرصي تائين پرڏيهي وزير ۽ سفارتڪار رهندڙ آندري گروميڪو جي آتم ڪٿا هئي. ان حوالي سان هڪ اهم ڪم روسي ليکڪ بورس پاسترنيڪ جي جڳ مشهور ناول ڊاڪٽر زواگو جو ترجمو هو جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو ۽ جنهن تي سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي پاران بهترين ترجمي جو ايوارڊ به ڏنو ويو.
2003 ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي جي عنوان سان انڊس پبلشر پاران منهنجو ڪتاب ڇاپيو ويو جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان چوڏنهن مضمون شامل هئا. پبلشر جو چوڻ آهي ته هن وقت اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ دستياب ناهي. ان کانپو ادبي مضمونن جو ڪتاب گل گل هٻڪار 2014 ۾ پوپٽ پبليڪيشن پاران ڇاپيو ويو. آتم ڪٿا جون چاليهه قسطون ڪاوش مئگزين ۾ ڇپيون ۽ ٻئي ڪجھه اڻ ڇپيل مواد کي سهيڙي هڪ ڪتاب جي شڪل ڏني آهي جيڪو سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي زندگي جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون جي عنوان سان موجود آهي. ساڳي ريت ڪتابن سنديون ڳالهيون جي عنوان سان مختلف سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي ڪتابن جي رويوز تي مشتمل ڪتاب پڻ سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. ماحوليات: ڌرتي ۽ انساني آئيندو جي عنوان سان ڪتاب پڻ تيار آهي.
آئون سمجھان ٿو ته منهنجو لکڻ ۽ پڙهڻ جو عمل اٽڪل چاليهه سالن کان وڌيڪ عرصي کان لاڳيتو جاري رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪو وقفو نه آيو آهي. سنڌي سان گڏوگڏ آئون اڙدو ۽ انگريزي ۾ به لاڳيتو لکندو رهيو آهيان. آئون اداره امن وانصاف جي رسالي جفاڪش جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر هوس ۽ ان ۾ گھڻي عرصي تائين باقاعدي مختلف موضوعن تي منهنجا مضمون شائع ٿيندا رهيا. هڪ وڏي حادثي کان پو جنهن ۾ اداري جا گھڻا ڪارڪن دهشت گردي جو بک ٿي ويا اهو رسالو ۽ ادارو بند ٿي ويا. زاهده حنا جي ادارت هيٺ شائع ٿيندڙ رسالي روشن خيال ۾ منهنجا ڪجھه مضمون شائع ٿيا جڏهين ته هاڻي ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي تاريخ ۾ منهنجا مختلف موضوعن تي مضمون شائع ٿين ٿا.
انگريزي ۾ پڻ منهنجا گھڻا مضمون شائع ٿيا آهن. مختلف رسالن کانسوا دي نيوز، نيشن ۽ ڊان ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي معاملن ۽ معاشي مسئلن تي وقت بوقت مضمون شائع ٿيندا رهيا آهن. هن وقت باقاعدي طور مختلف موضوعن تي منهنجو هفتيوار ڪالم سنڌي روزنامي سنڌ ايڪسپريس ۾ شائع ٿيندو آهي.
هن وقت منهنجي لکڻ جو سڄو ڪم ڪمپيوٽر تي ٿيندو آهي جڏهين ته ان کان اڳ پين ۽ پنو هوندا هئا. لکڻ ۽ پڙهڻ ٻنهي جي ڪا خاص جا ۽ وقت مقرر نه رهيو آهي. نه ئي اها ڳالهه محسوس ٿيندي آهي ته ان جي لا ڪو خاص ماحول هجي. ڊاڪٽر زواگو جي ترجمي جو وڏو ڪم هو. ان دوران مون کي آفيس جي ڪم جي سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڃڻو پوندو هو. ان ڪري ڊاڪٽر زواگو جو انگريزي وارو ڪتاب منهنجي سفري بيگ ۾ ئي هوندو هو ۽ پنهنجي سهولت آهر آئون اهو ڪم ڪندو رهندو هوس. ٻين ڪجھه ڪتابن جو ترجمو ۽ لکڻ به اهڙي ريت ٿيو. اهو ڄڻ ته منهنجي روزاني ڪم جو حصو هوندو هو آهي ۽ ان لا مون کي ڪا خاص موڪل وغيره نه ڪرڻي پوندي هئي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته نه رڳو آفيس ۾ منهنجي حاضري باقاعدي هوندي هئي پر رٽائرمنٽ وقت منهنجي کاتي ۾ اڃا گهڻيون موڪلون رهيل هيون.
ان سڄي ڪم ۾ گھر وارن جو سهڪار شامل هوندو آهي ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته اهو سڄو ڪم سندن سهڪار کانسوا ممڪن نه آهي.