ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مينھن جون تباهڪاريون

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

زوردار مينھنءَ جي ھاڻوڪي موسم ڏاڍي دکدائڪ ۽ خطرناڪ آھي، جيڪا سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڏي تباھي آڻيندي رھي ٿي. سڄي ملڪ ۾ مينھن سبب ڪئين انساني جانيون به ويون آهن ۽ اھو سلسلو اڃا به جاري آھي جنھن تي جيتري ڳڻتي ڪجي سا ٿوري آھي. انھيءَ ۾ شڪ ناھي ته اھي سلسلو مھيني ڏيڍ کان جاري آھي. تازو دکدائڪ واقعو بلوچستان شھر لسٻيليَ ويجهو پيش آيو آھي، جتي فوج جو ھيليڪاپٽر مينھن ڪارڻ ڪري پيو. تباهه ٿيل ھيليڪاپٽر، سسي پنھون مزار ويجهو موسى ڳوٺ مان مليو آھي. ڪمانڊر سرفراز علي سوڌو سميت سمورا ڇھه سوار آفيسر موسم جي خرابي سبب شھيد ٿي ويا آھن. ميڊيا موجب بلوچستان ۾ ڪريل ھيليڪاپٽر جي پائليٽ ميجر سعيد احمد تنيي شھيد جو واسطو سنڌ جي باقراڻيءَ لڳ ڳوٺ سجاول تنييَ سان آھي، کيس 2 ٻار، 7 ورھين جي ڌي ۽ 9 ورھين جو پٽ آھن. ھو سال 2007ع ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيو ھو.
ٻئي طرف، موسميات کاتي آگسٽ مهيني لاءِ موسم جو آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو آھي، موسميات کاتي جي چواڻي سڄي ملڪ ۾ آگسٽ ۾ مينھن عام رواج کان وڌيڪ پوندو، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ عام طور وڌيڪ مينھن پوندو، بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ تي به عام طور وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته آگسٽ ۾ تيز برساتن سان جابلو علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، عام طور وڌيڪ گرمي پد اترين علائقن ۾ برف ڳرڻ جو عمل تيز ڪندو، جنهن ڪري دريائن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو وڌي ويندو. ٻئي طرف، پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداريءَ جي چواڻي سرڪار، مينھن جي متاثرن کي اڪيلو ڪونه ڇڏيندي. انھيءَ سلسلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري مدد لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري اھڙي ھدايت ڪئي آھي.
سنڌ درياھه ۾ سکر بئراج وٽ هيٺين درجي واري ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته بئراج مان اڻڄاتل لاش ملڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. اھا دکدائڪ خبر آھي ته اڳ ۾ سکر بئراج مان تازو وڌيڪ اٺ لاش هٿ آيا آهن، جڏھن ته 11 ڏينهن دوران 20 لاش ملي چڪا آهن. تازو سکر بيراج جي گيٽ 48 مان ھڪ نامعلوم شخص جو لاش ھٿ آيو جيڪو سڃاڻپ کانسواءِ ئي دفن ڪيو ويو آھي. تازن انگن اکرن موجب ٻن ھفتن ۾ سکر بيراج کان ڪل 28 لاش ھٿ اچي ويا آھن. ڪراچي جيئن ته سڀ کان وڏو شھر آھي سو ڪيڏي مھل سڄي شھر ۾ مينھن پوي ٿو پر گهڻو ڪري حالتون مختلف آھن، ڇاڪاڻ ته مھيني ڏيڍ کان ڪراچيءَ ۾ ھر ڏھاڙي مينھن پوندو رھندو آھي.
بلوچستان جو به مينھن جي خيال کان دکدئڪ داستان آھي. اتي ٻوڏ جي متاثرن کي کاڌو ڪونه مليو آھي. بھرحال، ملڪ جو وزيراعظم شھباز شريف بلوچستان پھتو ۽ لاڳاپيل آفيسر به سسپينڊ ڪيا ويا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته طوفاني مينھن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ‘اين ڊي ايم اي’ ۽ ‘پي ڊي ايم اي’ گڏجي سروي ڪن، متاثر ٿيلن کي رهائش، خوراڪ ۽ علاج جون سموريون سهولتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم کي ‘اين ڊي ايم اي’ ۽ ‘پي ڊي ايم اي’ جي عملدارن طوفاني مينھن ۽ ٻوڏ سبب فصلن، باغن، روڊن ۽ ننڍن ڊيمن کي ٿيندڙ نقصانن، ڇوٽڪاري ۽ امدادي سرگرمين بابت سمجهاڻي ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته زوب ڊويزن ۾ ماڻهن جو اڪثر دارومدار زراعت ۽ چوپائي مال پالڻ تي آهي، اتي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اٽڪل 10 هزار ڊيمن ۽ ماڻهن کي نقصان پهتو آهي، وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ مينھن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 24 ڪلاڪن جي اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ھاڻوڪو چئلينج تمام وڏو آهي ۽ متاثرن جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا پهچڻ تي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي بريفنگ دوران ڪيو. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي رقم 24 ڪلاڪن جي اندر ادا ڪرڻ ۽ جزوي يا مڪمل تباهه ٿيندڙ ڪچن ۽ پڪن گهرن جي معاوضن کي به گڏ ڪري ۽ وڌائي 5 لک رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سندس چواڻي آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي حڪومت سک سان نه ويهندي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف طوفاني برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ قائم خوشنوب خيما بستيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن کي کاڌي ۽ پاڻيءَ جي عدم فراهمي ۽ مريضن جو رڪارڊ نه رکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪوتاهي جي ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، متاثرن کي معاوضي جي فوري ادائيگي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شھباز شريف، بلوچستان ۾ مينھن جي ڇوٽڪاري لاءِ بھتر ڪوشش ڪئي آھي ۽ اميد آھي ته متاثر بلوچن لاءِ ڪيل اعلان موجب وڌيڪ مدد ڪئي ويندي.
حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار اتحاد ايندڙ سال ڪڻڪ جو امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 4 هزار، ڪمند جو اگهه 500 روپيا، سارين جو اگهه 2500 ۽ ڦٽين جو اگهه 10 هزار روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ اضافي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ سنڌ جي برسات متاثر علائقن کي آفت سٽيل علائقا قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، انھيءَ سلسلي ۾، سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر، سينيئر نائب صدر مير ظفر الله ٽالپر ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تازين برساتن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، مينھن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ فصل تباهه ٿي ويا آهن، جنهن سان آبادگارن کي سخت نقصان پهتو آهي، ان ڪري سنڌ سرڪار ترت مينھن جي متاثر علائقن کي آفت سٽيل علائقا قرار ڏئي آبادگارن کي ڇوٽڪارو ڏياري. سندن چوڻ ھو ته ملڪ ۾ آبادگارن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، بجلي بلن جي مد ۾ آبادگارن تي بجلي جو بم ڪيرايو ويو آهي، آبادگارن جو بجليءَ جو بل 25 هزار مان وڌي هڪ لک روپيا مهينو ٿي ويو آهي، آبادگارن ۾ هاڻ ڊيزل خريد ڪرڻ جي به سگهه ناهي رهي، فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي عوام تي اضافي بار وڌو ويو آهي، ڊيزل ۽ ڀاڻ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن،
سنڌ ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ ڪارڻ وڌيڪ مينھن جي اڳڪٿي آھي، شهري ٻوڏ جو خطرو ڪراچيءَ ۾ به آھي. سندن اڳڪٿيءَ موجب سنڌ ۾ چوماسي جون هوائون داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. بيان موجب ان موسمي نظام سان ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ٺٽي، سجاول، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، ڄامشوري ۽ قمبر ـ شهدادڪوٽ ۾ 5 کان 9 آگسٽ دوران کنوڻ ۽ گجگوڙ سان مينھن جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچيءَ ۾ 6 کان 9 آگسٽ دوران مختلف هنڌن تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان وچولي درجي جو ۽ تيز مينھن ٿي سگهن ٿا. موسميات کاتي موجب تيز برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي، بدين، ٺٽي، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، دادو، ڄامشوري ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي هيٺين علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي سگهي ٿو، اسان کي گهرجي ته اسان سنڌ سرڪار کانسواءِ وفاقي سرڪار سان لاڳيتو مينھن ڪارڻ ٿيندڙ نقصان جي خاتمي لاِءِ تحريڪ ھلائيندا رھون ڇاڪاڻ ته عام ماڻھن جو جيئڻ گهڻو جنجال ٿي ويندو. ڇوٽڪاري واري جدوجھد نه رڳو سنڌ پر بلوچستان ۾ به ھلائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٻنھي سان مينھن ڪارڻ ناانصافي ۽ ظلم وڌي رھيو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ اسان جي سنڌ سرڪار کانسواءِ وفاقي سرڪار کي به دلي عرض آھي ته عام طرح سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي مينھن کان متاثرن لاءِ عملي طرح وڌ کان وڌ باقاعدي مدد ڪريو ته بھتر.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button