رانديون

انيلا عزت بيگ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پگهار وڃائي پهتي

ڪامن ويلٿ گيمز جي ڊسڪس ٿرو ايونٽ ۾ شرڪت بعد شڪست کائيندڙ پاڪستان جي عورت ايٿليٽ کي ايونٽ ۾ حصو وٺڻ تي ٻن مهينن جي پگهار وڃائڻي پئي آهي. ميڊيا مطابق انيلا عزت بيگ عالمي سطح جي ايونٽس ۾ شرڪت باوجود ٽريننگ ڪرڻ جي سهولت کان محروم آهي، ڇاڪاڻ تھ انيلا فيصل آباد ۾ هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ رات جو گهر واپس ايندي آهي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ انيلا ٻڌايو تھ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ اچڻ تي فيڪٽري مالڪ ٻن مهينن جي پگهار نھ ڏني، قومي ايٿليٽ جي فيڪٽري مالڪ ڪا مدد نٿو ڪري. هن چيو تھ مون کي ڊسڪس ٿرو ۾ ڊسڪس بھ ٻئي ڪنهن کان وٺڻا پوندا آهن، ڇوتھ مون وٽ ڪابھ سهولت ناهي. هن چيو تھ واپڊا ۾ ملازمت ڀلي نھ ملي، حڪومت ٽريننگ جي سهولت ڏئي تھ ميڊل کٽي ڏيکارينديس.

پرڏيهي دورن جا خرچ اڪثر اسين پاڻ ڪيون ٿا: ماحور شهزاد

پاڪستان جي بيڊمنٽن رانديگرياڻي ماحور شهزاد

شروعات ۾ ٻڌڻ ۾ آيو تھ پرڪشش آهيان، هر ڪوچ ٽريننگ ڏيڻ چاهي ٿو: نورينا شمس

پاڪستان جي اسڪوائش رانديگرياڻي نورينا شم

خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ اسڪواش رانديگرياڻي نورينا شمس جو چوڻ آهي تھ عورت جو گهر کان ٻاهر نڪري ڪم ڪرڻ جي اجازت وٺڻ ۽ ٽريڪ سوٽ پائڻ ئي پهرين جنگ آهي. خابرو اداري سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ جن عورتن جا ڀائر ۽ والدين انهن جي ڍال هوندا آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ اهڙي ڇانو کان محروم ڇوڪريون مشڪل مان گذرن ٿيون. هن ٻڌايو تُھ ڪيريئر جي شروعات ۾ مون کي ٻڌايو ويو تھ مان انتهائي خوبصورت يا پرڪشش آهيان، تنهنڪري هر ڪوچ ٽريننگ ڏيڻ چاهي ٿو، اهڙن روين آڏو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ اڳتي وڌي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button