عمر قاضي
بي بي سي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هڪ اسٽوري شايع ڪئي هئي. ان اسٽوريءَ جو نالو هو “پاڪستاني سياستدان ۽ انهن جا روحاني پير” ان اسٽوريءَ ۾ بي بي سيءَ جي نمائندي فاروق عادل ملڪ جي موجوده وزير اعظم عمران خان کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽو تائين انهن پيرن ۽ روحاني شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، جن کان دعا وٺڻ جي لاءِ هو تمام گهڻا جتن ڪندا هئا.
بي بي سي ته بي بي سي آهي. اسان جي ميڊيا پنهنجي ماحول کان تمام گهڻي متاثر رهي ٿي. اها حقيقت آهي ته جيتري آزادي بي بي سيءَ کي حاصل آهي ايتري پاڪستان جي ڪنهن ميڊيائي اداري کي حاصل نه رهي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته بي بي سي جي مالڪي اهو ملڪ ڪري ٿو، جنهن جا اسان تاريخي طور تي غلام رهيا آهيون. جيتوڻيڪ اڄ پاڪستان پنهنجي پرچم وارو هڪ الڳ ملڪ آهي پر انگلينڊ جي حڪومت جو هڪ بيان اسان کي تمام گهڻو متاثر ڪري سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي ته ڀٽي صاحب پنهنجي هڪ ڪتاب جو نالو ئي رکيو هو “نالي ماتر آزادي” اسان جي آزادي اڄ به نالي ماتر آهي. ڇو ته ان آزاديءَ کي عمل ۾ آڻڻ هڪ تمام مشڪل ڪم آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته اها آزادي اڄ به اسان جي لاءِ هڪ خواب جيان آهي.
شيخ اياز ڪيترو نه جيءَ جهوريندڙ نظم لکيو هو ته:
“خواب هجن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي؟”
اسان جا خواب واقعي جنگي قيدين جهڙا آهن. انهن جي دلين ۾ حسرتون آهن پر ڪنهن حسرت جو ڪنهن حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ تمام گهڻي مشڪل ڳالهه آهي.
سو! موٽي اچون ٿا، پنهنجي موضوع طرف.
بي بي سيءَ سمورن حڪمرانن ۽ سياستدانن جا نالا لکيا آهن پر قانون هڪ مهانگو هٿيار آهي. اسان ان کان هٽي ڪنهن سياستدان ۽ ڪنهن اڳواڻ جو نالو نه ٿا لکون. پر جيئن ته ان اسٽوريءَ ۾ ڀٽي صاحب جي حوالي سان به هڪ مثال آهي. جيئن ته مان پاڻ لاڙڪاڻي ۾ رهيو آهيان ۽ ڀٽي صاحب جي محبت به مونسان هميشه گڏ رهي آهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته ان محبت جي حوالي سان مون کي اهو حق آهي ته آئون ٻين اڳواڻن ۽ انهن جي پيرن فقيرن کي ڇڏي صرف ۽ صرف ڀٽي صاحب جي حوالي سان لکڻ ٿو چاهيان ۽ ان حوالي سان مون وٽ ڀٽي صاحب جي هڪ سنڌي تقرير به آهي. اها يوٽيوب تي موجود آهي. جنهن ۾ هو پيرن فقيرن جي دعائن ۽ بدعائن جو سليس ۽ آسان ٻوليءَ ۾ تجزيو ڪري ٿو. اسان کي اها به ٻڌڻ گهرجي. ڇو ته اها تاريخ جي هڪ ثبوت وانگر آهي.
ڀٽو صاحب تاريخ جو هڪ انمول ڪردار هو ۽ رهندو. ڇو ته جيڪا ان ماڻهوءَ جي ذهانت هئي. جيڪا هن ماڻهوءَ جي دماغي وسعت هئي. جيڪو ان ماڻهوءَ جو ڪردار ۽ خاص طور تي هن جو ذوق هو. اهو هن مهل پاڪستان جي ڪنهن به سياستدان ۾ تر جيترو به نظر نه ٿو اچي. ان ڪري فاروق عادل صاحب کي پنهنجي اسٽوري لکندي ان ڳالهه جو خاص خيال ڪرڻ کپندو هو ته ڀٽو صاحب پنهنجي ذهن وارو هڪ عجيب شخص هو. ڀٽو صاحب عوام جي عقيدن جو خيال رکندو هو ۽ هن جي شخصيت ۾ هڪ قسم جي روحاني تلاش به هئي. پر اها به حقيقت آهي ته ڪڏهن به پيرن فقيرن جي دعائن ۽ ڌاڳن ذريعي اقتدار جي منزل آسان ڪرڻ بدران سموري اهميت عوام کي ڏني هئي.
ڀٽو صاحب عوام کي ئي حقيقي پير ۽ فقير سمجهندو هو. هن جيتري به حڪومت ڪئي ۽ جيترو وقت به عوام جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. اهو پنهنجي ۽ عوامي تعلق جي بنياد تي ڪندو رهيو. هو ڪو وظيفا پڙهڻ وارو اقتدار جو بکيو شخص نه هو. هن جي زبان تي سدائين عوام جو نالو هوندو هو ۽ هو عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندو هو. هن جي حوالي سان پيرن ۽ فقيرن جي درگاهن تي وڃڻ به هن جو هڪ ذاتي ۽ عوامي عمل هو. هن ان باري ۾ ڪنهن به قسم جي گفتگو ڪرڻ کي صحيح نه سمجهندو هو. ڇو ته هن کي معلوم هو ته عام ماڻهو تمام گهڻي وهم ۾ مبتلا آهي. ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي وهم ۽ وسوسن مان ڪڍڻ جي سلسلي ۾ هڪ سنجيده دماغ جو مالڪ هو. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ ٻيون غلطيون ڀلي ڪيون هجن پر هن ڪڏهن به عوام جي پٺتي پيل عقيدتن کي ووٽ بيڪ وڌائڻ جي لاءِ استعمال نه ڪيو. ڪنهن پير يا گادي نشين کي اها اجازت نه ڏني ته هو کيس پنهنجن عقيدت مندن جا ووٽ ڏيارڻ خاطر ڀٽي صاحب کي پٽ تي ويهاري.
ڀٽو صاحب ته اهو سياستدان هو جنهن سنڌ جي پيرن ۽ ميرن کي عوام جي پيرن ۾ ويهاري ڏيکاريو. ڀلي ڪوئي شخص نو لک گودڙيءَ جو مالڪ هجي پر ڀٽو صاحب هن سان به جنهن انداز سان پيش ايندو هو، اها دنيا کي خبر آهي. ڀٽي صاحب ڪڏهن به سنڌ يا پنجاب جي پير جي گادي نشينيءَ کي پنهنجي سياسي فائدي ۾ آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هن سنڌ جي پيرن ۽ فقيرن جي گادي نشينن کي عوام انسان وٽ احتساب جوڳو بڻايو. اها تاريخ جي تمام وڏي حاصلات هئي. ڀٽو صاحب ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏيندو هو ته هو عوام جي نازڪ روحاني معاملن کي سياست جي سگهه ۾ استعمال ڪري. ڀٽو صاحب سنڌي سياست ڪندو هو. هن جي سياست مڪمل طر تي عوامي هئي.
ڀٽو صاحب جي روحاني عقيدن جي باري ۾ پاڻ ڪجهه نه ڄاڻون. ڇو ته ان باري ۾ ڀٽو صاحب ڪڏهن به دل ۽ دماغ کولي اظهار نه ڪيو هو. هن جا جيڪي به عقيدا هئا، اهي هن جا ذاتي عقيدا هئا پر عوام جي آڏو هو تمام گهڻو سلجهيل ۽ تمام گهڻو سنجيده اڳواڻ بڻجي پيش ٿيو.
ڀٽي صاحب جي باري ۾ بي بي سيءَ جي نمائندي جيڪا اسٽوري لکي آهي، اها لاڙڪاڻي جي هڪ مشهور عوامي ڪردار جمن فقير جي حوالي سان لکي آهي. جمن فقير جي باري ۾ اڄ به سمورو لاڙڪاڻو ڄاڻي ٿو ته هو هڪ ڪو ڍونگي پير نه هو پر هڪ اهڙو فقير هو جيڪو شهر ۾ گڏهه تي چڙهي خيرات وٺندو هو ۽ ڀٽي صاحب کي هن جو اهو عوامي اسٽائيل تمام گهڻو پسند هو. ان ڪري هن جمن فقير سان هڪ بي حجاب دوستي رکي. ڀٽو صاحب جمن فقير جو ڪو عقيدت مند يا هن کي روحاني طور تي پهتل ٻانهو سمجهڻ بدران پنهنجي شهر جو ۽ پنهنجي پاڙي جو هڪ دوست فقير بڻائي هن سان ملندو هو ۽ ان مان هن کي جيڪا عوامي خوشبو ايندي هئي، اها انهن انسانن ۾ ناهي، جيڪي پيريءَ کي هڪ پيشو بڻائي ويٺا آهن. ڀٽي صاحب لاءِ لاڙڪاڻي جو جمن ڪو پير نه پر هڪ عوامي فقير هو. جيڪو گڏهه تي چڙهي گهمندو هو ۽ هن کي اهو حق حاصل هو ته هو المرتضيٰ هائوس ۾ گڏهه تي چڙهي اچي ۽ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو هن کي عام فهم ۾ دعا گهرڻ لاءِ چوي ته هو کيس چرچي ۾ چئي سگهي ته جيڪو توکي بخت آهي ۽ جيڪو توکي تخت آهي، ان کان پوءِ واري منزل ته فقيريءَ جي آهي. اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته جمن فقير اهڙي ڳالهه ٻيو ڪنهن کي نه ڪئي. هن اهو معصوم چرچو به ڀٽي صاحب سان ڪيو.
ڀٽو صاحب کي اڄ ڀلي مزار ٺاهي هڪ سياسي پير بڻائي پيش ڪيو وڃي پر اصل ڳالهه اها آهي ته ڀٽو صاحب پاڻ به دل جو فقير انسان هو. هن جي پيرن سان نه فقيرن سان لڳندي هئي. ان ڪري هو پيرن کي نه پر فقيرن کي اها اجازت ڏيندو هو ته هو هن سان بيتڪلفيءَ سان ڪائي به بات ڪري سگهن. اها ڳالهه هن جي مهانتا ۾ شامل آهي. ان ڪري هن کي “ڏنڊي وارو بابا” يا ڪارا ٻڪر روز قربان ڪرڻ جون هدايتون ڏيندڙ ڪو مرشد متاثر نه ڪري سگهيو.
جمن فقير ته گڏهه تي گهمندو هو. اسان جا موجوده سياستدان اقتدار جي عيوض ڪنهن به گڏهه کي سڀ ڪجهه بڻائڻ لاءِ به هر وقت تيار آهن.