ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماڻهن کي گهٻرائڻ ڏيو

غلام رسول برفت

پيٽروليم شين، بجلي، گيس ۽ ضرورت وارين عام شين ۾ اگهن ۾ اضافي سان گڏ ٽيڪسن وصولين ۾ واڌ ۽ ٻين سخت شرطن کي قبولڻ بعد آئي ايم ايف جا باقي شرط ميڊيا جي رپورٽن تحت حڪومت مڃي ورتا آهن، جنهن پاڪستان کي معاشي هدفن تي نظرثاني جي تجويز ڏيندي چيو آهي تھ ٽيڪس وصولين کي وڌائڻ لا قدم کنيا وڃن، نجڪاري ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن تي عملن کي يقيني بڻايو وڃي، جنهن سان امڪان آهي تھ بجلي، پيٽرول، گيس ۽ ٻين لازمي شين جا اگهه اڃا وڌيڪ وڌندا. جڏهن تھ مهانگائي 14 ڏهائي 48 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي آهي، رپيو ڪمزور ۽ ڊالر جي اڏار اڃا مٿي پئي وڃي، جنهن سبب معاشي طور ڪمزور صورتحال عوام جي قوت برداشت کي شايد ختم ڪري رهي آهي، جنهن کي ئي سامهون رکندي مخالف ڌر جي پارٽين بھ پرڙا ڇنڊيا آهن، پر اهي پنهنجي طاقت تي آڌارڻ بدران شايد معجزي جي انتظار ۾ آهن، تنهنڪري انهن وٽان ڪا فيصلائتي تحريڪ هلڻ جو امڪان گهٽ آهي. جڏهن تھ پيٽرول 137 ڏهائي 79 پيسن جي ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، اهڙي ريت ڊيزل ۽ گاسليٽ بھ آسمان تي پهتل آهن، پر عام ماڻهو جي آمدني وڌڻ بدران گهٽجي رهي آهي، ڏسجي تھ ردعمل ڪئين ڪهڙي نموني سان عوامي سطح تي ڇلانگ ڏئي سامهون اچي ٿو، ڇوتھ جڏهن ملڪن جي معيشت ڪمزور يا مڏي ٿي ويندي آهي تھ ان کي حڪومتي معاشي ٽيم جي ناڪامي سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ آهستي آهستي اهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن جو ماڻهن ۾ بيچيني ۽ غيريقيني واري صورتحال جنم وٺندي آهي، جيڪا اڳتي هلي وڏي عوامي ردعمل جو سبب بڻجندي آهي. پاڪستان ۾ جيڪي معاشي طور ڪمزور حالتون نظر اچي رهيون آهن، اهي عوام لا ڳڻتي ۽ پريشاني جو سبب بڻجي رهيون آهن، پر جيڪڏهن ڪو عنصر مطمئن ۽ پريشان ناهي تھ اهو اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل عنصر آهي، جن وٽ ڪڏهن ماڻهن کي ڊالر جي اگهه ۾ اضافي جا فائدا نظر ايندا آهن تھ ڪڏهن اهي هر مصيبت جو سبب گذريل حڪومتن کي ڄاڻائي چوندا آهن تھ عوام برداشت ڪري، خاص ڪري جڏهن وزيراعظم ڪنهن بھ معاملي جو نوٽيس ورتو آهي تھ ان سان عوام ڊپ جو شڪار رهندو آهي تھ هاڻ الائي ڇا ٿيندو. اهڙي حالت ۾ عام ماڻهو سماجي طرح نفسياتي طور شديد متاثر ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ ڀروسي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، تنهنڪري عد استحڪام پيدا ٿئي پيو. جڏهن تھ اهڙين حالتن کي جيڪي مددگار عنصر اڳتي وڌائڻ جو ڪم ڪندا آهن، انهن ۾ بنيادي طور هيٺيان عنصر اهم هوندا آهن.

  1. سياسي عدم استحڪام: ملڪ ۾ معاملن کي هلائڻ جي ذميواري سياسي استحڪام تي اچي ٿي، جنهن لا وقت جي حڪومت جو درست رخ، درست وقت، درست وکن کڻڻ ۽ جرئت اهميت جوڳا عنصر آهن، پر اڪثر ڪري اهڙن ملڪن ۾ ڄاڻايل سمورا عنصر گم ڪيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ تھ اتي طئي ڪيل فارمولي تحت حڪومتن جي جوڙجڪ ٿيندي آهي، انهن وٽ چونڊ عمل يا عوام جي ووٽ جي اهميت هڪ ڏيکا واري هوندي آهي، جنهن سبب فيصلا ۽ نتيجا رات جي پيٽ ۾ ۽ ڏينهن جي سوجهري ۾ اکين جي آڏو چشم بندي ذريعي تبديل ٿي ويندا آهن، تنهنڪري عوامي خواهشن ۽ احساس کان آجي حڪومت پنهنجي مفاد تحت استحڪام آڻڻ لا جيڪي بھ قدم کڻندي ويندي آهي، ان سان حالتون بهتر ٿيڻ بدران بد کان بدتر ٿينديون وينديون آهن. مثال طور پاڪستان جي موجوده نيازي سرڪار جا فيصلا ۽ قدم ڏسي وٺو. هن حڪومت،
    الف: ڪرپشن جو خاتمو آندو ويندو.
    ب: طاقتور جو احتساب ۽ جيل موڪليو ويندو.
    ٻ: غريب يا هيٺين طبقي لا معاشي استحڪام آڻڻ.
    ڀ: ڪشتو نھ کڻندس.
    ت: آئي ايم ايف سميت ڪنهن بھ ملڪ کان قرض ناهي وٺڻو.
    ٿ: قانون جي حڪمراني هوندي.
    ٽ: مهانگائي ٿئي تھ سمجهي وڃو اوهان جو وزيراعظم چور آهي.
    حڪومت اهڙا ۽ ٻيا ان جهڙا ڪيترائي وڏا فيصلا ڪيا ۽ انهن جي پروپيگنڊا ڪئي، پر عملي طور مٿيان سمورا عمل سندن صفن ۾ مروج مليا، پر انهن خلاف ڪا ڪاروائي نھ ٿي. جڏهن تھ احتساب جي پڪڙ ۾ رڳو مخالف پارٽين جا مخصوص ماڻهو آيا. اهڙي ريت آئي ايم ايف سميت ٻين ذريعن کان قرض وٺڻ جا اڳ وارا سمورا رڪارڊ هن حڪومت ٽوڙي ڇڏيا. قانون جي رٽ جي حالت عمران خان جي ان بيان مان ظاهر آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي تھ هتي طاقتور رعايت ۽ ڪمزور انصاف گهرندا آهن، مطلب تھ هي وزيراعظم طور بيوس ماڻهو آهي، تنهنڪري رڳو مهڻا ۽ طعنا ڏئي سگهي ٿو، ان مان وڌيڪ اميد نھ رکي وڃي. هاڻ سندس آخري جملي تھ، جي مهانگائي ٿئي تھ سمجهو وزيراعظم چور آهي. پري نھ وڃو، رڳو هلندڙ مهيني جي نومبر جو جائزو وٺنداسين تھ اسان کي پيٽرول جي اگهن ۾ 15 ڏينهن دوران ٻھ ڀيرا اضافو مليو آهي، کاڌي پيتي جي شين ۾ اضافو ڌار آهي، ايستائين جو مهانگائي سبب امير توڙي غريب کان رڙيون نڪري ويون آهن.
    قومي معيشت جو ڪمزرو ٿي وڃڻ: هن صورتحال ۾ ناڻي جي پکيڙ جو بنيادي عمل دخل آهي، جنهن تحت معاشي استحڪام يا تھ مضبوط ٿي ويندو آهي يا وري ان جو زوال ان حد تي پهچي ويندو آهي، جتان هڪ بحران کي ٽارڻ لا قرض کڻي ٻئي وڌيڪ سنگين بحران کي جنم ڏنو ويندو آهي. اهڙي حالت ۾ عام ماڻهو پريشان، نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا ۽ سماجي طور عدم برداشت جو شڪار ٿي ويندو آهي، جنهن جا اثر ان شڪل ۾ ظاهر ٿيندا آهن تھ سماج ۾ بدامني وڌي ويندي آهي، آپگهات جي شرح خطرناڪ حد تي وڃي پڄندي آهي، ماڻهو روڊن رستن تي اوهان کي وڙهندي، هڪٻئي سان چهڙون ڏيندي نظر ايندا، معاشي تنگي جي ڪري سماجي براين ۾ واڌ ڌار ۽ خوفناڪ شڪل ۾ سامهون ايندي آهي.
    ملڪي ڪرنسي دٻجي وڃڻ: هن عنصر ۾ ناڻي جي پکيڙ بنيادي ڪارڻ بڻجندو آهي، ڇاڪاڻ تھ ڪمزور مالي صورتحال کي وقتي طور سنڀالڻ جي ڪوشش ۾ حڪومتون نوٽن جي وڌيڪ ڇپائي ڪرڻ جو فيصلو ڪنديون آهن ۽ نتيجي ۾ اڳتي هلي ڪرنسي جو ملهه ڪري پوندو آهي. جڏهن تھ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار يا اسٽاڪ ايڪسچينج جو رجحان غيريقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري اهي ڪرنسي کي استحڪام ڏيڻ بدران ذخيرو ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ نتيجي ۾ ملڪي ڪرنسي اگهه وڃائي ويهندي آهي، اهڙين حالتن ۾ سنگين بحران جنم وٺڻ وارين حالتن جي پيدا ٿيڻ جو ڊپ ٿي پوندو آهي. پاڪستان ۾ هن وقت ڊالر جي اڏار بلندين کي ڇهي رهي آهي، جيڪا لاڳيتو وڌي رهي ٿي، جيڪا چار ڏينهن اڳ 79 پيسا وڌي تھ ڊالر 173 رپيا 96 پيسا ٿي وئي، هاڻ ان ۾ 4 پيسا ٻيو اضافو ٿيو آهي، تنهنڪري ڊالر هن وقت 174 رپين جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي اچي بيٺو آهي. جڏهن تھ سون هڪ لک 25 هزار 600 رپيا في تولو تي اچي پهتو آهي.
    پرڏيهي قرض وٺڻ جي رفتار: معاشي حالتن ۾ ڪمزوري جون نشانيون ان ڳالهه مان ظاهر ٿينديون آهن تھ حڪومت جي ڪم ڪار جو دارومدار قرض وٺڻ سان مشروط ٿي ويندو آهي. عمران خان جي موجوده حڪومت جيڪا قرض نھ وٺڻ جي چونڊ ايجنڊا کڻي آئي هئي، اها مٿين حڪمت عملي جي صفا ابتڙ آهي. آئي ايم ايف ڊو مور جا مطالبا ڪندي پئي وڃي، هي حڪومت انهن کي قبول ڪندي هر اهو قدم کڻي رهي آهي. تازو رپورٽ سامهون آئي آهي تھ، پاڪستاني حڪومت آئي ايم ايف جا باقي ڏکيا شرط بھ مڃي ورتا آهن. ميڊيا جي رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ آئي ايم ايف پاڪستان جي خزاني واري وزارت جو معاشي پلان رد ڪري کيس معاشي هدفن تي نظرثاني ڪرڻ جو تجويز ڏني آهي. گذريل هڪ هفتي ۾ مهانگائي ۾ هڪ ڏهائي 38 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن سان مجموعي طور مهانگائي جي شرح 14 ڏهائي 48 سيڪڙو تي وڃي پهتي آهي، اسين هن شرح ۾ ٻين شين تي نٿا ڳالهايون، پر انهن شين جو ذڪر ڪيون ٿا، جيڪي انسان کي زندهه رهڻ لا لازمي طور گهرجن ٿيون. اٽو 70 کان 75 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي، جيڪو اڃا وڌڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي. کنڊ 120 رپين جي وڏي سطح تي آهي، گيهه ۾ تازو ئي 50 رپيا في ڪلو تي اضافو ٿيو آهي، کاڄرو تيلن جي اگهن ۾ 109 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، داليون، ڪڪڙ جو گوشت، ٻاڪرو گوشت توڙي وڏو گوشت بھ عام ماڻهو جي پهچ کان گهڻو مٿي ٿي چڪا آهن. اهڙي ريت، سفر لا ڀاڙن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ماڻهو جي آمدني وڌڻ بدران گهٽجندي رهي آهي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آهي، تنهنڪري عوامي سطح تي آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن تھ، هاڻ اسان کي گهٻرائڻ ڏيو، ڇوتھ ملڪ جو وزيراعظم پاڻ ئي پنهنجي لا اڳڪٿي ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button