رانديون

راس ٽيلر نسل پرست تعصب جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف، جاچ شروع

نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽر راس ٽيلر نسل پرستاڻي تعصب جي شڪار ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، جنهنجي ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق راس ٽيلر پنهنجي آتم ڪٿا بليڪ اينڊ وائيٽ ۾ ساڻس غلط رويي جو انڪشاف ڪيو آهي. راس ٽيلر بيلڪ اينڊ وائيٽ نالي لکيل ڪتاب ۾ ٽيم جي ساٿين جي رويي تي بھ لکيو آهي. هن لکيو آهي تھ مون ٽيم جي ساٿين جا پاڻ تي چڀندڙ سوال برداشت ڪيا آهن، هڪ دوست تھ ايستائين بھ چيو تھ چيو تھ، مان اڌ سٺو آهيان. هوڏانهن ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ جي ترجمان چيو آهي تھ نسل پرستي جي مذمت ڪيون ٿا، راس ٽيلر کي پنهنجو حصو سمهجون ٿا، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button