رانديون

ويسٽ انڊيز کي ٻي ٽي 20 ۾ بھ شڪست، نيوزيلينڊ سيريز کٽي ورتي

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽي 20 ميچ ۾ بھ ويسٽ انڊيز کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن واري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ جي ٽيم 5 وڪيٽن تي 215 رنسون ٺاهي ويسٽ انڊيز کي هدف ڏنو، جنهن ۾ بيٽر گليم فلپ 76، ڊيرل مچل 48 ۽ ڊيون ڪونوي 42 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهي شڪست کائي وئي آهي، سندس بيٽرن مان عبيد مڪ ڪوئي 23، روومان هولڊر 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلينڊ جي بالرن مائيڪل براسويل ۽ مچل سينٽنر 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button