
ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم کي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ وڏو ڌڪ رسيو آهي، ڇاڪاڻ تھ سندس اهم بالر دوئين اوليويئر ٽن ميچن واري ٽيسٽ سيريز مان آئوٽ ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق تيز بالر دوئين اوليويئر مسلز جي انجري جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن کي آرام ڏئي واپس گهر روانو ڪيو ويندو.